جيڪي ادارا ايوان جي ماتحت آهن، اُهي ڪيئن هن ايوان جو حساب ڪري سگهن ٿا:بلاول ڀٽو زرداري
June 24, 2019 at 5:18 pmاسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو 10 سالن جي قرضن جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪي ادارا ايوان جي ماتحت آهن، اُهي ڪيئن هن ايوان جو حساب ڪري سگهن ٿا. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ٻڌو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر ”سليڪٽيڊ“ لفظ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اُها وزيراعظم جي انا جي ڪري لڳائي وئي آهي، توهان ۽ مون اها نئين تاريخ لکي آهي، منهنجي غير موجودگيءَ ۾ منهنجي طرفان ڳالهايل لفظ کي حذف ڪيو ويو آهي. حڪمران سمجهن ٿا ته سينسرشپ سان ماحول بهتر ٿي ويندو، توهان جيڪي فيصلا ڪري رهيا آهيو، اُهي ٻرنديءَ تي تيل هارڻ برابر آهن. بلاول ڀٽو چيو ته ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، ڇا ڪو شرم آهي جو اسان جون بهترين اسپتالون وفاق کڻي ورتيون، وري جڏهن اسپتالون ڪنٽرول ۾ رکيون ته گهٽ ۾ گهٽ بجيٽ رکڻ جو شرم ته ڪريو ها. بلاول چيو ته هن چيو ته جڏهن کان خان آيو آهي، ملڪي معيشت بدترين ٿيندي پئي وڃي، نئين پاڪستان ۾ امير کي رليف ڏئي غريب تي ٽئڪس لڳايو ويو، ڦورن ۽ لُٽيرن لاءِ ايمنسٽي اسڪيم آندي وئي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت اپوزيشن جي سياست ڪندي ته پوءِ حڪومت ڪير ڪندو؟ جيڪڏهن حڪومت اپوزيشن جي سياست ڪئي ته اپوزيشن اڃا وڌيڪ سخت اپوزيشن ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته ٻٽي پاليسي بند ڪريو ۽ بجيٽ واپس وٺو، حڪومت نيب گردي ذريعي معيشت کي نقصان پهچائي رهي آهي، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي مڪي معيشت کي داءُ تي لڳايو ويو، حڪمرانن واعدو هڪ پاڪستان جو ڪيو، پر هڪ جي بدران 2 پاڪستان ڏئي ڇڏيا، اُهي ڪهڙي منهن سان قرضن جو حساب گهري رهيا آهن، پهرين هن قرض جو ته حساب ڏين. جيڪي ادار ايوان جي ماتحت آهن، اُهي ڪيئن ٿا هن ايوان جو حساب ڪري سگهن. نئين پاڪستان ۾ ڪير به آزاد ناهي، نه عوام، نه ميڊيا ۽ نه ئي سياستدان، نئون پاڪستان سينسرڊ پاڪستان آهي، اُهو اسان کي منظور ناهي. هن چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته الطاف حسين جي پرڏيهي فنڊنگ حرام آهي ۽ عمران خان جي پرڏيهي فنڊنگ حلال آهي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته نئون پاڪستان واپس وٺو، قائد اعظم جو پاڪستان ڏيو.