جيڪي قافلي ۾ نه رهندو اهو چوڌري نثار بڻجي ويندو: احسن اقبال
December 30, 2018 at 9:18 pmنارووال(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته جيڪي قافلي ۾ رهندا عزت حاصل ڪندا، نه ته چوڌري نثار بڻجي ويندا.نارووال ۾ مسلم ليگ ن جي يوم تاسيس جي جلسي کي خطاب ۾ احسن اقبال جو عمران خان تي تنقيد ڪندي چوڻ هو ته ايئن لڳي ٿو ته هو اڃان به ڪنٽينر تي بيٺل آهي ۽ اپوزيشن کي ڊيڄاري رهيو آهي، جيڪڏهن پوري پاڪستان کي به جيل موڪليو وڃي ته به حڪومت نه ٿي هلي سگهي. هن چيو ته اين آر او اسان کي نه پر وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان کي مليو آهي.هن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد هر دور جا لائوڊ اسپيڪر آهن، ڇا اها مديني جي رياست آهي؟ جنهن ۾ حڪمرانن جي دوستن کي نوازيو پيو وڃي.احسن اقبال جو چوڻ هو ته مشرف جو جبر به مسلم ليگ کي نه ٽوڙي سگهيو، نواز شريف مسلم ليگ ۾ نئين روح ڦوڪي آهي، جيڪڏهن اليڪشن درست ٿئي ته ن ليگ کي اچڻ کان ڪير به نه پيو روڪي سگهي.مسلم ليگ ن جي ناراض اڳواڻن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته جيڪي قافلي ۾ رهندا اهي عزت حاصل ڪندا نه ته چوڌري نثار بڻجي ويندا.