حضرت سهڻا سائين رحه  جي سيرت  تي   هڪ  نظر..!!شرف الدين مرکنڊ

November 24, 2019 at 6:08 pm

                         دنيا جي تختي الله تعالى پاران هر زماني ۾ پنهنجي ٻانهن جي اصلاح لاءِ ڪيترائي پيغمبر، نبيءَ سڳورا اماڻيا، جن پنهنجي امت کي راهه راست تي آڻڻ لاءِ انهن جي اصلاح فرمائي، نبين جو سلسلو پاڻ سڳورن حضرت محمد مصطفى صلعم تي ختم ٿيو، سندن کان بعد ڪو به نبي نه آيو آهي ۽ نه ئي ايندو. جنهن کانپوءِ الله جي ولين، ڪامل ٻانهن جو سلسلو جاري ۽ ساري آهي، هر ڪامل ٻانهي ۽ نيڪ الله جي پيارن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڪيترن ئي ڀٽڪيل انسانن کي راهه راست تي آندو، ڪيترائي بي دين، انهن جي تبليغ سان راهه راست تي آيا، اهڙن ئي عظيم انسانن ۾ حضرت سهڻا سائين به شامل آهن، جن جو اڄ کان 36هون عرس ملهائجي رهيو آهي.  حضرت سهڻا سائين رحه دنيا جي اها عظيم شخصيت آهي جنهن پنهنجي سموري زندگي انسان ذات جي خدمت، انهن جي اصلاح ۽ شريعت محمدي صه جي رنگ ۾ رڱڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ ڪيترن ئي ڀٽڪيل انسانن کي راهه راست تي آندو. سندن جو نالو حضرت الله بخش عباسي هو، دنيا سندن کي “سهڻا سائين” جي سهڻي لقب سان ياد ڪري ٿي.  سندن جي ولادت 10 مارچ 1910ع تي ڪنڊيارو تعلقي جي خانواهڻ ۾ حضرت محمد مٺل قريشي عباسي رحه جي گھر ۾ ٿي. قرآن ڪريم ۽ چئن جماعتن تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد پاڻ زراعت جي شعبي ۾ فائنل تائين جي تعليم حاصل ڪيائون، ديني تعليم حاصل ڪرڻ خاطر پاڻ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڳيريلو جي مدرسي ۾ داخلا ورتائون ۽ مولانا رضا محمد مگسي رحه جي شاگردي ۾ تعليم حاصل ڪيائون، سندن جو شمار هڪ بهترين استاد سان گڏوگڏ ڪامل ۽ تقويٰ وارن انسانن مان هو، ڪجھ ڏينهن گذرڻ کان بعد ۾ سنجيده مزاج، سادگي پسند، اديب ۽ خدمتگار شاگرد حضرت سهڻا سائين رحه جن کان مدرسي جي انتظاميه، استادِ ڪرام ۽ طالب علم بيحد گھڻو متاثر ٿيا. خاص ڪري سندن جو استاد محترم حضرت مولانا رضا محمد مگسي، سندن جي تعليم سان محبت، سادگي پسندي، اعلى صلاحيتون ۽ اخلاق کي ڏسي سندن سان پنهنجي اولاد وانگر جيان محبت ڪندو هو. حضرت سهڻا سائين رحه عربي، فارسي جي تعليم مڪمل ڪري فارغ التحصيل عالم باعمل جي رتبي تي فائز ٿيا. پاڻ تعليم دوران  وقفي وقفي سان پنهنجي ماءُ جي خبر، سارلهڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي امڙ جي زيارت ۽ خدمت جي لاءِ خانواهڻ شهر ۾ ايندا رهندا هئا. جيئن پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندا هئا ته والده ڏسي سندن کي الحمدالله، بسم الله جا الفاظ مبارڪ چئي ڪري سندن جي لاءِ خوشي جو اظهار ڪندي هئي ۽ حضور سهڻا سائين رحه پنهنجي والده جي قدم بوسي ڪرڻ جي لاءِ گھڻي ڪوشش ڪندا هئا، پر سندن جي والده ماجده صاحبه سندن کي قدم بوسي يا هٿ چمڻ نه ڏيندي هئي. پاڻ ادب سان پنهنجي والده ماجده جي خدمت ۾ ويهي رهندا هئا، سندن جي والده ماجده خيريت ۽ حال احوال معلوم ڪرڻ سان گڏوگڏ هر هر دعائن سان پڻ نوازيندي رهندي هئي ته الله تعالى اوهان کي دين جو سچو عالم وفاضل ڪري ۽ ڊگھي ڄمار سان گڏ اولاد صالح عطا فرمائي. اهوئي سبب هو سندن جي دعائن سان سندن کي الله تعالى صالح نيڪ اولاد عطا ڪئي هئي. سندن جي پهرين شادي طالب علمي جي زماني ۾ ٿي. سندن جي رسم نڪاح ۽ وليمو نهايت سادگي سان شريعت مطهره جي عين مطابق ٿيو، سندن جي پهرين گھرواري جي انتقال کان بعد پاڻ سيد خاندان مان شادي ڪيائون جنهن مان سندن کي هڪ صاحبزاده محمد طاهر مدظله عالي ۽ چئن نياڻين جو اولاد ٿيو.   پاڻ زمين تي ڪاغذ وغيره ڪِريل ڏسي مٿي کڻي محفوظ جڳهه تي رکندا هئا، پاڻ انهن ورقن جو به احترام ڪندا هئا. ۽ پنهنجي جماعت توڙي مريدن کي به تاڪيد ڪندا هئا ته انهن جو احترام ڪيو. سندن جي پوري زندگي دين اسلام جي خدمت ڪندي گذري، پاڻ سموري زندگي الله ۽ ان جي رسول جي پيغام کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيائون، سندن جي محنتن سان سندن جا خليفا ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ تبليغ دين جو ڪم بهتر نموني سرانجام ڏيڻ ۾ رڌل آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي غير مسلم ماڻهو دين اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي مسلمان بڻجي ويا. سندن جي طبيعت ننڍي هوندي کان ئي تصوف ڏانهن مائل هئي،

 پاڻ اولياء الله، اهل بيت عظام ۽ علماء ڪرام جو بي حد ادب و احترام ڪندا هئا، سن 1353هه بمطابق 1934ع ۾ پاڻ، حضرت خواجه فضل علي قريشي نقشبندي رحه جن جي بيعت ڪئي. سنه 1954ع ۾ جڏهن حضرت خواجه پير فضل علي قريشي نقشبندي جن جو وصال مبارڪ ٿي ويو ته ان کان بعد حضرت پير فضل علي قريشي نقشبندي جي  پياري ۽ خليفي حضرت خواجه عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمة الله عليه (المتوفي 8 شعبان المعظم 1384هجري مطابق 1964ع) جن جي بيعت ڪيائون. پاڻ تصوف جون منزلون پنهنجي مرشدن ڪريمن جي سائي ۾ طئي ڪندي قرب جو وڏو مقام حاصل ڪيائون ۽ کين سهڻا سائين جي لقب سان نوازيا ويا.حضرت پير مٺا سائين رحه جي وفات کان بعد پاڻ بحيثيت جان نشين پنهنجي مرشد جي مشن، طريقه عاليه نقشبنديه جي فيوض وبرڪات سان عوام الناس کي فيضياب ڪرڻ واسطي جيڪو عام فهم ۽ آسان طريقو اختيار ڪيو،

جنهن جو دور حاضر ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. سندن جي شخصيت جي بنيادي خصوصيات ۾ سندن جي بي پناهه خلوص انتهائي نمايان هو جيڪو هر ڏسندڙ کي موهي وجھندو هيو. پنهنجي مالڪ حقيقي سان بي پناه خلوص يارانِ طريقت، مريدين وغيره سڀني سان خلوص ۽ بي لوث خِدمت دين هئي. ان سان گڏوگڏ ٻنهي جهانن جي سردار پاڻ سڳورن صه سان عشق، صحابه ڪرام ۽ اهل بيت عظام جي محبت سندن جي فطرت جو خاص حصو بڻيل هئي، ننڍن سان شفقت ۽ وڏن سان حسن اخلاق سان پيش اچڻ به سندن جي اهم وصف هئي. زندگي ڀر پاڻ الله جي ذڪر جو ڏس ڏيندا رهيا ۽ هر هڪ سان محبت جو پيغام ونڊيندا رهيا. الله ۽ ان جي رسول جو عاشق صادق ٻانهن تائين الله ۽ ان جي رسول صه جو پيغام پهچائڻ لاءِ زندگي ڀر مصروف رهيا.پاڻ 6 ربيع الاول 1404 هجري بمطابق 12 ڊسمبر 1983ع تي هن جھان کي الوداع چئي ڪري دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا، سندن جي آخري آرامگاهه درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو ۾ آهي.

خصوصي نشست جو آغاز  24 نومبر آچر جي ڏينهن صبح جو ڪيو ويندو، جنهن ۾ اجتماعي دعا پڻ گهرائي ويندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو