حملي پويان موجود عنصر ۽ سببن کي فوري طور وائکو ٿيڻ گهرجي:وزيراعظم
November 23, 2018 at 7:23 pmاسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم عمرا خان ڪراچي ۾ چيني قونصليٽ جنرل ٻاهران حملي ۽ فائرنگ جي مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته حملي پويان موجود عنصر ۽ سببن کي فوري طور وائکو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگرد حملو پاڪ چين معاشي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار خلاف سازش آهي پر اهڙي قسم جا واقعا ٻنهي ملڪن جي واقعن کي متاثر نه ٿا ڪري سگهن، پاڪ چين دوستي هماليا کان بلند ۽ سمنڊ کان گهري آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پوليس ۽ رينجرز نهايت بهادري جو مظاهرو ڪندي بهتر نموني دهشتگرد حملو ناڪام بڻايو جنهن تي سموري قوم کي فخر آهي.