حڪومتي وزير عوام کي ٽماٽن جي جڳهه تي ڏهي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو
November 24, 2019 at 6:33 pmپشاور(م ڊ)خيبرپختونخواهه جي سُڌ سماءُ واري وزير شوڪت يوسفزئي عوام کي مهانگن ٽماٽن جي جڳهه تي ڏهي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب سُڌ سماءُ وار صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته مان ڪافي وقت کان ڏهي استعمال ڪري رهيو آهيان. مون کي ٽماٽن جي قيمتن جي باري ۾ ڪابه خبر ناهي.هن چيو ته عوام ٽماٽن مان جان ڇڏائي ته ان جون قيمتون به معمول تي اچي وينديون. هن چيو ته مالاڪنڊ جا ٽماٽا مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پوءِ قيمتون ڪري پونديون.