حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسي سبب عوام عذاب ۾ آهي : خورشيد احمد شاهه

March 24, 2019 at 8:28 pm

سکر(ڊ ر):پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ اشارو ڏنو آهي ته عوامي مسئلن تي نواز ليگ سان اتحاد ٿي سگھي ٿو، سندس چوڻ آهي ته حڪومت کي وقت ڏنوويو پر ڪابه بهتري نه آئي، جيڪڏهن پنجاب اسيمبليءَ ۾ بلاول خلاف ٺهراءُ آيو ته پوءِ قومي ۽ سنڌ اسيمبلين ۾ به ٺهراءُ ايندا. روهڙي ۾ پارٽي ڪارڪنن جي گڏجاڻي ۾ تقرير ڪندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته جنهن ملڪ ۾ پارليامينٽ سپريم ناهي اهو وڏين پريشانين ۾ پئجي سگھي ٿو.  پيپلزپارٽي سدائين پارليامينٽ جي خود مختياري جي ڳالھ ڪئي آهي.پارليامينٽ کي خود مختيار ئي هجڻ گھرجي.  ماڻهو سوال ڪن ٿا ته حڪومت جا 6 مهينا گذرڻ کانپوءِ احتجاج ڇو پيو ٿئي، ماڻهن کي ۽ ميڊيا کي همت افزائي ڪرڻ گھرجي ته حڪومت کي وقت ڏنو ويو پر حڪومت ڪابه بهتري نه آندي وئي. حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسي سبب عوام عذاب ۾ آهي. حڪومت سڄي دنيا مان وڃي قرض وٺڻ جي چڪر ۾ آهي. عمران خان ملڪ جو وزير اعظم ٿي ماڻهن کان قرض گھرندو ٿو وتي. قرض وٺي ملڪ جي عزت کي داءُ تي لڳايو ويو آهي. جنهن وزيراعظم چيو هو ته قرض نه وٺبا اهو قرض وٺي خوشيون ملهائي رهيو آهي ۽ دھل وڄائي رهيو آهي.هن چيو ته پيپلزپارٽي 18 هين ترميم وسيلي صوبن کي اختيار ڏنا. پيپلزپارٽي سدائين عوام کي سهولتون ڏنيون آهن. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کان اڳ هن جي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف به ٺهراءُ پيش ڪيا ويا هئا، ذوالفقار علي ڀٽو کي غير مسلم قرار ڏيڻ جي به ڪوشش ٿي هئي، ختم نبوت جو بل پاس ڪرڻ واري ڀٽو کي ڪافر قرار ڏيڻ جي فتويٰ پڻ جاري ٿي هئي.پيپلز پارٽي خلاف اهڙيون ڳالهيون نيون ناهن.  پنجاب اسيمبليءَ ۾ سندن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خلاف ٺهراءُ آيو ته پوءِ قومي ۽ سنڌ اسيمبلين ۾ به ٺهراءُ ايندا. هن چيو ته هن وقت ملڪ کي اتحاد جي ضرورت آهي، عوامي مسئلن تي نواز ليگ سان اتحاد جڙي سگھي ٿو.  مخالف ڌر اتحاد ڪري ڏيکاريو ، سسٽم ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي پر حڪومت ان سلسلي ۾ اڳتي وڌڻ نه ٿي گھري. مخالف ڌر اتحاد جي ڳالھ ڪري ٿي وزير اعظم چئي تو اتحاد نه گھرجي.هن چيو ته وزير اعظم مودي سان ته فون تي ڳالهائي ٿو پر مخالف ڌر سان نه ٿو ڳالهائي، مودي رڳو ڀارتي وزير اعظم نه پر مسلمانن جو به قاتل آهي. عمران خان مودي جي پيرن ۾ ويهي رهيو آهي. هن چيو ته شيخ رشيد پاڻ مڃيو آهي ته مولانا مسعود اظهر جو ننڍو مدرسو آهي، ان ڳالھ کي ڀارت پنهنجو بيانيو ٺاهيو آهي.هن چيو ته ڪا نئين ڳالھ ناهي پيپلز پارٽي کي هر دور ۾ سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي، پيپلزپارٽي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، انهن عدالتن شهيد ڀٽو کي ڦاهي چاڙهيو ۽ محترمه جي قاتلن کي ڇڏي ڏنو. خورشيد شاھ چيو ته پيپلزپارٽي سدائين عوام جي جنگ وڙهي آهي ۽ ان ۾ ڪامياب ٿي آهي. پيپلزپارٽي عوام کي بچائڻ لاءِ ٽرين مارچ ڪري رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري روهڙي کان پنڊي تائين ٽرين مارچ ڪندو. ملڪ جو 68 ورهين جو وزير اعظم جوان ناهي 30 ورهين جو بلاول نوجوان آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو