حڪومت نواز شريف جي بيماري تي سياست ڪري ڪم ظرفي جو مظاهرو ڪيو: شاهد خاقان عباسي

March 26, 2019 at 7:42 pm

اسلام آباد ( بيورو ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نواز شريف ڪڏهن پرڏيهه علاج جي ڳالهه نه ڪئي آهي، اهو عمران خان جو خيال آهي.  سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پنجاب حڪومت ۽ وفاقي سرڪار جي ڪوششن باوجود عدالت نواز شريف کي علاج ۾ رليف ڏنو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جو ڪوڙ عوام سامهون اچي چڪو آهي، جنهن ملڪ جو وزيراعظم ڪنهن بيماري تي سياسي مقصد حاصل ڪري ان تي مان ڇا چوان،  حڪومت ڪم ظرفي جو مظاهرو ڪيو آهي، انسانيت جي پرواهه نه ڪندڙ معافي ته وٺن. هن چيو ته مسلم ليگ ن اڳواڻن خلاف ڪيسن جي حقيقت عوام سامهون اچي ويندي ۽ هو پاڻ فيصلو ڪندا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڪڏهن به علاج کان انڪار نه ڪيو آهي، اهو تاثر غلط آهي، هن ڪڏهن نه چيو آهي ته کيس پرڏيهه مان علاج ڪرائڻو آهي، ملڪ کان ٻاهر علاج ڪرائڻ موجوده وزيراعظم جو ذهني خيال آهي.  شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏي، معيشت کي سنڀالي، اڄ اسيمبلي کي مفلوج ڪيو ويو آهي، 8 مهينن ۾ اسيمبلي ۾ هڪ به بحث نه ٿيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو