حڪومت کي خراب معيشت ورثي ۾ ملي آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سخت فيصلا ڪيا: حفيظ شيخ
November 25, 2019 at 5:04 pmاسلام آباد(بيورو) ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت کي خراب معيشت ورثي ۾ ملي آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ سخت فيصلا ڪيا. هاڻ ڪوششن جو ثمر ملي رهيو آهي.پاڪستان انويٽو فنانس فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته چئن مهينن جي دوران محصولات ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ 16 کان 17 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته نان ٽيڪس جي محصولات ۾ به گذريل سال جي پهريان چئن مهينن جي مقابلي ۾ ٻيڻو اضافو ٿيو /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 25
هي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته هن وقت جاري کاتن جو خسارو ختم ٿي چڪو آهي. پرڏيهي سرمائيڪارين جو اعتماد بحال ٿيو آه
ي جڏهن ته عالمي مالياتي ادارن جو به پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي.هن چيو ته حڪومت ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اسان سٺو ماحول پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن سرمائيڪاري بهتر ٿي سگهي. برآمدات جي حوالي سان هن چيو ته گذريل سال جي دوران ان حوالي سان ڪابه بهتري نه آئي هئي. موجوده حڪومت ان سيڪٽر کي بجلي سميت ٻين شعبن ۾ مراعتون ڏئي رهي آهي.هن ٻڌايو ته نجڪاري جي معاملي تي اسان بهترين فيصلا ڪري رهيا آهيون. ادارن جي نجڪاري ڪري رهيا آهيون. حفيظ شيخ چيو ته ماضي ۾ ناڻي واري وزارت جو سيڪريٽري، مرڪزي بئنڪ جي گورنر کي گهرائي زر مبادله جي شرح ۽ ٻين معاملن جا حڪم ڏيندو هو اسان اها روايت ختم ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان جو حدف 1.3 ارب روپين جو آهي جنهن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو.اسان کي مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطن کي بهتر بنائڻ تي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان وڏي حد تائين مائيڪرو سطح تي استحڪام حاصل ڪري چڪا آهيون. اميد آهي ته ملڪي معيشت ۽ نجي شعبه ترقي ڪندا.