داتا درٻار ٻاهران آپگهاتي حملو: شهيد ٿيلن جو انگ 10 ٿي ويو
May 8, 2019 at 4:20 pmلاهور (م ڊ) لاهور ۾ داتا درٻار ٻاهران آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 10 ٿي ويو، آءِ جي پنجاب چيو آهي ته آپگهاتي بمبار جي باقيات هٿ ڪئي وئي آهي، حملي ۾ ايليٽ فورس جي اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو هو. پنجاب جي وڏي وزير رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. لاهور جي داتا دربار جي گيٽ نمبر 2 وٽ ايليٽ فورس جي گاڏي ڀرسان ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. آءِ جي پنجاب رٽائرڊ ڪيپٽن عارف نواز خان ٻڌايو آهي ته ايليٽ فورس جي اهلڪارن کي نشانو بڻائڻ لاءِ آپگهاتي حملو ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ ايليٽ فورس جي ٽن اهلڪارن سوڌو 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. ڊي آءِ جي آپريشنز محمد اشفاق جو چوڻ آهي ته ايليٽ فورس جا اهلڪار داتا درٻار جي گيٽ نمبر 2 تي ڊيوٽي ڏئي رهيا هئا، صبح جو پوڻا 9 وڳي اُنهن کي نشانو بڻايو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ اٽڪل 7 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ وٽان آپگهاتي بمبار جي باقيات هٿ ڪئي وئي آهي. شهيد ٿيلن ۾ گجرانوالا جو رهواسي هيڊ ڪانسٽيبل محمد سهيل، قصور واسي هيڊ ڪانسٽيبل نذير ۽ لاهور واسي هيڊ ڪانسٽيبل محمد سليم شامل آهن. واقعي واري هنڌ وٽان پوليس شاهديون گڏ ڪرڻ بعد علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي..