دعا ملاح کي 2 مائٽ 20 رُپيا خرچي جو ڏٽو ڏئي وٺي ويا ۽ زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيو (ٺٽو پوليس جو انڪشاف) ٻئي جوابدار گرفتار

December 6, 2019 at 4:17 pm

ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو پوليس معصوم ٻارڙي دعا ملاح سان زيادتي جي تصديق ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پنهنجن ئي ويجهي مائٽن زيادتي بعد وحشياڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو. جوابدارن جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. ٺٽو پوليس ور شهر جي ٻارڙي دعا ملاح جي واقعي تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته کيس پنهنجي مائٽن ئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو آهي./ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 25
 8 ورهين جي معصوم نينگري کي گذريل ڏينهن زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو هو، پوليس موجب نينگري جو لاش ڳوٺ جي هڪ فصل ۾ اُڇليو هو. پوليس پنهنجي بيان ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته 24 ڪلاڪن تائين جاچ دوران نشاندهي ٿيڻ کانپوءِ نينگري جي ٻن مائٽن کي گرفتار ڪيو ويو، اُنهن جاچ دوران ڏوهه جو اعترف ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدارن نينگري کي 20 رُپيا خرچ ڏئي جي بهاني وٺي ويا ۽ پوءِ زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو. گرفتار ڪيل ٻئي جوابدار نينگري جا ويجها مائٽ آهن. نينگري جا ڪپڙا به هٿ ڪيا ويا آهن ۽ زيادتي جون شاهديون به مليون آهن، نينگري جا ڪپڙا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اُماڻيا ويا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو