رحيم يار خان ٽرين حادثي جي مڪمل جانچ ٿيڻ گهرجي: سعيد غني

October 31, 2019 at 6:33 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ۽ پورهئي واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ پورهئي واري کاتي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ پورهئي واري کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشي

د سولنگي، وائس ڪمشنر سيسي محمد آصف ميمڻ، مذدور اڳواڻ، ڪرامت علي، حبيب جنيدي، لياقت ساهي سميت محنت کاتي جا ڊائريڪٽرز ۽ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران ليبر پاليسي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل قانون سازي کي ملڪ جي بهترين پاليسي ۽ قانون سازي ڪرار ڏنو ويو آهي. ان موقعي تي  اجلاس سان خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پورهيتن لاءِ ٻڻايل پاليسين ۽ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي سعيد غني چيو ته اسان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيون ٿا ته جيڪي سهولتون مزدورن ۽ پورهيتن کي ڏيڻ چاهيون پيا ان ۾ اسان مڪمل ڪامياب ناهيون ٿيا قانون ۽ پاليسين تي عملدرآمد ڪرائن لاءِ مزدور اڳواڻن ۽ سمورن  آفيسرن کي گڏجي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو