رهاشي عمارتون ڪيرائڻ تي استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه تي اڄ به قائم آهيان : سعيد غني

February 14, 2019 at 7:14 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلديات واري وزير سعيد غني هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ ڪمرشل پلاٽن تي قائم رهائش عمارتون ڪيرائڻ جي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد کي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو.ڪراچي ۾ بينڪنگ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته رهاشي عمارتون ڪيرائڻ تي استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه تي اڄ به قائم آهيان، رهائشي عمارتن کي ڪيرائڻ ممڪن ناهي، ان حوالي سان اسان پنهنجون گذارشون سپريم ڪورٽ کڻي وينداسين.هن چيو ته غير قانوني اڏاوت خلاف ڪارروائي جاري آهي، عدالتي حڪمن جا پابند آهيون ۽ اسان مڃون به ٿا جيڪي شادي هال رفاهي پلاٽ تي ٺهيل آهن اهي ضرور ڪرندا، شهر ۾ غير قانوني اڏاوت بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي  رهيا آهيون.بلديات واري وزير جو چوڻ هو ته ويلنٽائن ڊي تي عدالت ۾ بيٺا آهيون، ويلنٽائن ڊي تي قيادت سان محبت جو اظهار ڪرڻ آيا آهيون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو