روٽري ڪلب ڪراچي ۽ نيڪسز پاران ٻوڏ متاثر ڳوٺ حڪيم سنديلي ۽ يڪي سنديلي ۾ خيمن جي ورھاست ڪئي وئي

September 19, 2022 at 5:44 pm

ڪراچي (پريس رليز) روٽري ڪلب ڪراچي، نيڪسز پاران ٻوڏ متاثر ڳوٺ حڪيم سنديلي ۽ يڪي سنديلي، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ خيمن جي ورھاست ڪئي وئي. روٽري ڪلب ڪراچي نيڪسز جي صدر خرم انيس، فائونڊر سيڪريٽري اسلم خالق، اڳوڻي صدر علي حيدر۽ وائس پريذيڊنٽ سيد تراب شاھ جي ڪاوشن سان 20 متاثرن ۾ بھترين معيار جا خيما ورھايا ويا. روٽري ڪلب ڪراچي نيڪسز لاڙڪاڻي جي صدر جاويد بروھي ڳوٺ حڪيم سنديلي پھچي خيما متاثرن ۾ ورھايا. متاثر ڳوٺاڻن خيما ملڻ تي اداري جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو تھ روٽري ڪلب ڪراچي نيڪسز تتل اس ۾ ڇانورو فراھم ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آھي. ان موقعي تي پنھنجي تقرير ۾ لاڙڪاڻي جي صدر جاويد بروھي چيو تھ اسان جو ادارو سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رھيو آھي. ڪراچي پي آئي ڊي جي انفارميشن آفيسر مقبول سنديلي جيئن ئي پنھنجي ڳوٺ جي ٻوڏ سبب تباھي جي نشاندھي ڪئي اسان ڪوشش ڪري خيمن جي آرڊر ڏنو، ھي خيما سالن تائين استعمال ٿي سگھن ٿا. ھن اڳتي بھ ڳوٺاڻن جي راشن، خيمن ۽ گھرن جي تعمير ۾ ڀرپور سھڪار جو يقين ڏياريو. ڳوٺ ۾ موجود وليج سوشل فورم جي نوجوانن قلب سنديلي، اسلم سنديلي، منور سنديلي، مصير سنديلي، منصور سنديلي، زبير سنديلي، سمير سنديلي، حسين ميراڻي ۽ ٻين طرفان روٽري ڪلب طرفان خيمن جي ورھاست ۾ ڀرپور نموني ساٿ ڏنو ويو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو