رياست ته ماءُ جهڙي هوندي آهي!؟
October 28, 2019 at 6:00 pmاحسان ابڙو
ساھيوال جي دل جھوريندڙ واقعي جي ڪيس جو فيصلو آيو ته ڄڻ ملڪ ۾ ٻيھر ساھيوال سانحو تازو ٿي پيو، جيڪو وحشت ۽ بربريت جي فلم وانگي ھڪ ڀيرو ٻيھر اکين آڏو ڦرڻ لڳو، سمورو ملڪ، اڃان ڪجھ باضمير ۽ آزاد ميڊيا سان واسطو رکندڙ، انسان ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ وارا بنا ڪنھن رنگ نسل، قوم ۽ فرقي، زبان ۽ علائقي جي فرق جي ساھيوال جي معصوم ۽ بيگناھن جي ناحق قتل ۽ زنده بچي ويل ٽن معصوم ٻارن جي معصوميت سندن يتيمي ۽ بي وسي تي ڳوڙھا ڳاڙيندي ۽ ملڪ جي نظامِ عدل تي سوال اُٿاريندي نظر آيا. ساھيوال سانحي کانپوءِ وزيراعظم صاحب ان سانحي ۾ ناحق مارجي ويلن سان ڏک ونڊڻ بدران قطر جي دوري تي ھليو ويو ھو ۽ اتان ھن ٽوئيٽر تي ھڪ پيغام ذريعي ان عزم جو اظھار ڪيو ھو ته سانحي تي عوام جو ردعمل فطري ۽ جائز آھي. ھُو قطر مان واپسي تي ذميدارن کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏيندو، جڏھن ته پنجاب پوليس جي نظام ۾ بنيادي اصلاحي تبديليون پڻ آڻيندو.
خان صاحب قطر مان واپسيءَ بعد به ڳچ مھينن کانپوءِ ساھيوال سانحي جي وارثن ۽ شھيد ٿيلن جي معصوم ٻارڙن سان ھٿ فاتحه پڙهي ھئي، جنھن لاءِ مديني جي رياست جوڙيندڙ جي دعويدار ناحق مارجي ويلن جي وارثن کي بادشاھي حڪم صادر فرمائي پاڻ وٽ گھرائي ساڻن فاتحه ڪئي، متاثرن جي تڏي تي پھچڻ مناسب نه سمجھيو ھو.
اسلام ۾ عدل ۽ انصاف جي اھميت، الله رب العالمين جي خوف ۽ سندس ناراضگيءَ جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته حضرت عمر بن خطاب رضه الله عنها راتين جو جاڳي مديني جي روڊن رستن گھٽين ۾ گھمندا ھئا، ان خوف کان ته جيڪڏھن بک وگهي ڪو ڪتو به مري پيو ته الله سائين ڏينھن قيامت کيس ان جو ذميوار قرار ڏيندو. اڄ دنيا ۾ انسانن جي وچ ۾ طبقاتي تقسيم ۽ انساني حقن جي ناھمواري تمام گھڻي پيدا ٿي چڪي آھي، ان جو ڪارڻ آھي بااثر طاقتور ۽ حڪمران طبقي پاران طاقت جي نشي ۾ ڪمزورين ۽ پنھنجن مخالفن تي سرسي حاصل ڪرڻ جون مادي خواهشون! بااثر طاقتور ماڻھو ۽ حڪمران طبقن سان تعلق رکندڙ اھو سمجھن ٿا ته سندن اختيارن کي چئلينج ڪرڻ وارو ڪير به نه آھي، نه ئي وري سندن طاقت ۽ ھوڏ تائين ڪنھن ڪمزور جي پھچ ٿي سگھي ٿي. ھو عدل جي نظام کي به پنھنجي طابع سمجھن ٿا، ھو اھو نظام چاھين ٿا جنھن ۾ طاقتورن لاءِ الڳ قانون ۽ ڪمزورن توڙي مخالفن لاءِ الڳ قانون ھجي. ھو جيڏي مھل چاھين ڪنھن به ڪمزور، بي پھچ ۽ مخالف کي ڪنھن بي بنياد ڏوھ ۾ واڙي سگھن ۽ طاقتور کي ڪنھن سنگين ڏوھ مان آجو قرار ڏياري سگھن. ساھيوال سانحي ۾ به اهڙو ئي ڪجھ ٿيو. ناحق مارجي ويل چار معصوم ماڻھو ڪمزور ۽ بي پھچ ھئا، سندن پويان ڪا سرڪاري قوت، ڪو طاقتور ڌڻي نه ھو، ان ڪري دھشتگرد قرار ڏئي ماريا ويا ۽ ڪو داد فرياد به نه ٿيو، مٿان وري قھر اھو ٿيو جو جن قاتلن کي سندن ناحق خون جي ڏوھ ۾ قابو ڪيو ويو آھي ته شھادتون پوريون نه ھئڻ جا ڪارڻ ڄاڻائي بخشيا ويا ۽ ٽي معصوم يتيم ٻارڙا ۽ گاڏي جي ڊرائيور ذيشان جي بيواهه ٿي ويل وني ۽ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويل ٻچا انصاف لاءِ تڪيندا ئي رھجي ويا.
خان صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اھا اميد پيدا ٿي ھئي ته ملڪ جي عدل ۽ انصاف جي نظام ۽ پوليس جي نظام ۾ انقلابي سڌارا ايندا، جنھن سان معاشري ۾ پيدا ٿي ويل عدم استحڪام، ناانصافي، ظلم ۽ بربريت ۾ نه صرف روڪ ايندي بلڪه معاشرو بھتري ڏانھن ھڪ ڀيرو ٻيھر سفر شروع ڪندو، پر اھي سڀ اميدون سندس اقتدار جي پھرين مھينن ۾ ئي ان وقت خواب محسوس ٿيڻ لڳيون جڏھن مولانا سميع الحق جو وحشياڻو قتل ٿيو ۽ قاتل قانون جي پھچ کان پري رھيا، جڏھن پشاور جو ايس پي طاھر داوڙ اسلام آباد مان اغوا ٿيو ۽ سندس چچريل لاش افغانستان مان ھٿ آيو ته نه قاتل سامھون اچي سگھيا نه ئي ان قتل پويان ڳجھا ھٿ ۽ لڪل مقصد ظاھر ٿيا. ان کانپوءِ ساھيوال جي انتھائي دردناڪ واقعي سڄي ملڪ قوم کي جھوري وڌو پر ڪالھ جڏھن قاتلن کي ڪلين چٽ سان آزادي ملي ته ڄڻ اميدن ۽ آسرن جو اھو محل جيڪو پاڪستان جي عوام خان صاحب جي واعدن ۽ دعوائن جي بنياد تي اڏيو ھو، اھو واريءَ جو ٺھيل ثابت ٿيو ۽ ھوا جي واچوڙي کي به نه جھلي سگھيو.
خان صاحب ۽ سندس پارٽي ملڪ ۾ پوليس ۽ عدالتي نظام ۾ اصلاح آڻڻ، تعليم جي بھترين مفت سھولتن جي فراھمي ھر پاڪستاني لاءِ، صحت جون پرڏيھي معيار جون سھولتن فراھم ڪرڻ، ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي ۽ ڪرپشن ڪندڙن کان ڪرپشن جي اربين کربين رپين جي واپسي، بيروزگارن کي ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ، بي گھرن لاءِ پنجاھ لک گھر ڏيڻ، سرائڪي صوبي جي قيام جھڙن ڪيترن ئي ٻين سکڻن دلاسن ۽ واعدن جي بنياد تي اقتدار ۾ آيا، پر قوم ڏٺو ته احتساب جي نالي انتقام کانسواءِ سندس اقتدار جي چوڏھن مھينن ۾ ٻي ڪابه شئي ڏسڻ ۾ نه آئي. پاڪستان کي ھن وقت عدل ۽ انصاف جي نظام ۾ سڌارن، قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن جي اختيارن ۾ توازن آڻڻ ۽ انھن جي عوام سان روا رکندڙ روين ۾ بھتري لاءِ سڌارن ۽ احتساب جي ڪاري قانون ۾ تبديلين ۽ بھتري جي تمام گھڻي ضرورت آھي ۽ اھا ئي اميد پاڪستان جي عوام خان صاحب مان لڳائي ھئي ته سندس تبديلي ان پراڻي فرسوده قانون کي تبديل ڪرڻ لاءِ اثرائتي ثابت ٿيندي پر خواب صرف خواب ئي رھجي ويا اهي ساڀيان نه ٿي سگھيا. ملڪ خان صاحب جي چوڏھن مھينن جي اقتدار دوران بجاءِ بھتريءَ جي، معاشي، سياسي، سماجي استحڪام جي، ادارن جي خودمختياريءَ ۽ اصلاح سازيءَ جي ويتر افراتفري ۽ ابتريءَ واري صورتحال ۾ وڪوڙجي چڪو آھي. رياست پنھنجي رعايا لاءِ ھميشه ماءُ وانگر ھوندي آھي پر خان صاحب جي تبديليءَ ۾ رياست ماءُ نه پر ماٽيلي ماءُ جيان لڳڻ شروع ٿي چڪي آھي ۽ ان جو واضح مثال پاڪستان جي مخالف ڌر سان خان صاحب جو رويو آھي، احتساب جي نالي تي بدترين انتقام جيڪو ھاڻ ذري گھٽ ٻن وڏن سياسي اڳواڻن پيپلزپارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ميان نوازشريف جي زندگين لاءِ خطرو بڻجي چڪو آھي، ھاڻ خان صاحب انتقامي خواھشن جي تسڪين محسوس ڪري رھيو آھي. ملڪ ۾ اڻلڀ انصاف واري صورتحال آھي ۽ خان صاحب پنھنجيون توانائيون ۽ صلاحيتون ڏيڻ بجاءِ عدل ۽ انصاف جي نظام سميت پوليس جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ ڪتب آڻي ھا، ھن صرف ۽ صرف پنھنجي مخالفن کي تڪليف پھچائڻ ۽ کانئن انتقام وٺڻ ۽ دلي تسڪين حاصل ڪرڻ ۾ چوڏھن مھينا ضايع ڪري ڇڏيا.
عمران خان صاحب ساھيوال سانحي کان اڳ نواز شريف جي دور ۾ ماڊل ٽائون واقعي تي سخت احتجاج ڪندو رھيو ۽ ان واقعي جو ذميوار شھباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جن ۾ پوليس سميت ٻيا ادارا شامل آھن، انهن کي قرار ڏيندو ۽ سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندو رھيو پر پوري قوم ۽ ملڪ لڪاءُ ڏٺو ته اقتدار جي چوڏھن مھينن دوران ھن ھڪ ڀيرو به ماڊل ٽائون جي بيگناھ مارجي ويلن لاءِ ٻڻڪ به ٻاھر نه ڪڍي، خان صاحب جي ان پراسرار خاموشي ۾ ڪھڙا راز لڪل آھن، اھي ته ڳجھ جي ڄاڻ رکڻ وارو ڌڻي ٿو ڄاڻي پر اندازا ضرور لڳائي سگھجن ٿا ته ماڊل ٽائون جي واقعي ۽ ساھيوال جي قتلام پويان ساڳيا ھٿ آھن جيڪي پاڪستان ۾ ان کان اڳ وڏن وڏن ھاءِ پروفائيل قتلام جي معاملن ۾ ملوث رھيا آھن. ايس پي طاھر داوڙ جي قتل کان وٺي ساھيوال ۾ ٿيل قتلام ۾ به اھي ئي ھٿ ملوث نظر اچن ٿا جنھن ڪري ڏينھن ڏٺي سرعام ٿيندڙ دھشتگردي ۾ عدليه کي ڪو شاھد نه ملي سگھيو، ڪا گواھي نه ملي سگھي جيڪا انھن خوني رھزنن کي ڦاھي جي ڦندي تائين پھچائڻ لاءِ ڪافي ھجي ها. خان صاحب جي ڪابينا جو ھڪ وزير جيڪو اڪثر درود شريف ۽ قرآني آيتون پڙھي اسيمبليءَ جي فلور تي فرمائيندو ڏسڻ ۾ ايندو ھو ته جنھن قتل جو قاتل نه ملي ته يقين ڪري وٺو ته ان قتل جي ذميوار رياست آھي، واقعي اھا ڳالھ درست آھي پر صرف ان وقت جڏھن اوھان اپوزيشن ۾ ھئا اڄ ساڳيو مثال ڇو نٿو لاڳو ٿي سگھي؟ چوندا آھن ته رياست ماءُ جھڙي ھوندي آھي جيڪا پنھنجي رعايا کي پاليندڙ سنڀاليندڙ ھوندي آھي پر خان صاحب جي اقتدار جي ھنن چوڏھن مھينن ۾ رياست ماءُ کان وڌيڪ ماٽيلي ماءُ جو روپ اختيار ڪري چڪي آھي جنھن پنھنجا ئي ٻچا ڳڙڪائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن، خان صاحب کي نه صرف ساھيوال جي معصوم يتيم ٻارڙن ۽ شھيد ٿي ويلن جي وارثن کي انصاف ڏياري رياست کي ماءُ واري روپ ۾ واپس آڻڻو پوندو بلڪه ايس پي طاھر داوڙ جي پراسرار ۽ وحشياڻي قتل ۾ ملوث قوتن ۽ ڳجھن ھٿن کي به وائکو ڪرڻو پوندو، جڏھن ته ماڊل ٽائون جا ارڙھن شھيد پڻ مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي دعويدار ڏانھن انصاف لاءِ واجھائي رھيا آھن، ھاڻ ڏسڻو اھو آھي ته رياست واقعي ماءُ وارو ٿي ڪردار ادا ڪري يا ماٽيلي ماءُ وارو؟ ان جو فيصلو ايندڙ وقت ڪندو