زال جي ڪاميابي جي واکاڻ ڪرڻ تي فواد خان جا سوشل ميڊيا تي چرچا
October 28, 2019 at 6:08 pmڪراچي(اسپورٽس نيوز)پاڪستاني سپر اسٽار فواد خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ماڻهن سان گڏ ويهي پنهنجي زال صدف خان جي ڪاميابي جي واکاڻ ڪندي نظر اچي رهيو آهي.ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ 3 ڏينهن واري فيشن پاڪستان ويڪ جي آخري ڏينهن اداڪار فواد خان جي گهر واري صدف خان پاران تيار ڪيل ڪپڙا پيش ڪيا ويا ان دوران اداڪار فواد خان نه صرف پنهنجي گهر واري جي سپورٽ ڪرڻ لاءِ موجود هو پر هن شوقينن سان گڏ ويهي پنهنجي زال جو حوصلو به وڌايو.