سعودي ولي عهد جي دوري سان لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿيندي: وزيراعظم عمران خان
February 17, 2019 at 8:21 pmاسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري سان لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، . سعودي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ آسان ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، سعودي سيڙپڪاري سان ملڪ جي معيشت ۾ بهتري ايندي، سمورن شعبن ۾ سعودي عرب سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جو واضح موقف آهي ته ڪنهن کي سعودي عرب تي حملي جي اجازت نه ڏينداسين، مقدس شهرن تي حملي جي صورت ۾ پاڪستان حفاظت لاءِ موجود هوندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سعودي عرب سان اقتصادي ۽ ثقافتي ڪوريڊور قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان کي پاڻڀرائپ لاءِ سعودي عرب جي گوادر ۾ سيڙپڪاري سڀ کان اهم هوندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سعودي عرب رڳو راهداري ناهي، گوادر ۾ سعودي آئل رفائنري گڏيل سهڪار جي شروعات آهي، سلسلو اڳتي وڌندو ۽ ايندڙ مرحلي ۾ خاص اقتصادي زونز تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته سعودي عرب سان بئنڪنگ، تعليم، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي، واپار، ثقافت، سئنيما ۽ سياحت جي ميدان ۾ سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا.