سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿي ويو، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

April 17, 2019 at 3:21 am

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي گوڙ شروع ٿي ويو، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ممبرز هڪٻئي تي اُلرون ڪيون. اسپيڪر آغا سراج دُراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي شڪايت ڪئي ته اسان هڪ ڪلاڪ کان انتظار ڪري رهيا آهيون، توهان دير سان اجلاس شروع ڪيو آهي. اسپيڪر آغا سراج دُراني چيو ته منهنجو رمانڊ ختم ٿيڻ وارو آهي، ائين پيو لڳي ته هندستان مان نڪري نئين پاڪستان ۾ اچي ويو آهي. اپوزيشن ليڊر جي خطاب دوران ايوان ۾ گوڙ شروع ٿي ويو ۽ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندا رهيا، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. پ پ ايم پي اي فياض ٻٽ ۽ پي ٽي آءِ جي شاهنواز جدون هڪٻئي تي اُلرون ڪيون. فردوس شميم نقوي چيو ته اسپيڪر صاحب! ايوان جنهن طريقي سان هلڻ گهرجي، ائين نه پيو هلي، توهان ڪورم پورو نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي اجلاس ملتوي ڪري هليا وڃو ٿا. جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دُراني چيو ته آئون ڪڏهن به جانبدار ناهيان رهيو، جيڪڏهن مون تي اعتماد ناهي ته بي اعتماد واري رٿ آڻي سگهجي ٿي. آغا سراج دُراني اپوزيشن ليڊر سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي مون مان شڪايت آهي ته روبرو اچي چوي، آئون هر معاملي کي منهن ڏئي رهيو آهيان. جڏهن توهان مون تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي ته هاڻي ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون؟

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو