سنڌ ۾ جيالن جا آصف زرداري جي گرفتاري خلاف مظاهرا ۽ ڌرڻا، شٽربند هڙتال، ٽائرن کي باهيون ۽ هوائي فائرنگ
June 12, 2019 at 4:33 amڪراچي (نمائندن وٽان) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف پوري سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويا. اڳوڻي صدر جي گرفتاري خلاف پ پ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، پ پ ڪارڪنن طرفان هوائي فائرنگ به ڪئي وئي. ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ پ پ ڪارڪنن طرفان احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل فليگ مارچ ڪري شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪيو. پريس ڪلب آڏو وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر پڻ ڪيا ويا. پ پ ڪارڪنن طرفان ٺل ۾ حاجي عارب دايو ۽ برڪت دشتي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڪشمور ۾ پيپلزپارٽي ڪارڪنن نظير مزاري ۽ نور احمد دايو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، وارهه ۾ پ پ جيالن طرفان آصف زرداري جي گرفتاري خلاف مظاهرو ڪيو. ميرو خان ۾ اڳوڻي صدر جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پ پ ڪارڪنن سٽي صدر رئيس لياقت ابڙو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، سخت نعريبازي ڪئي وئي. ڪرمپور ۾ به پيپلزپارٽي ڪارڪن ڪو چيئرمين جي گرفتاري خلاف روڊن تي نڪري آيا، سخت احتجاج ڪيو ويو. چيلهار ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي گرفتاري خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي. ميرپورخاص ۾ جيالن جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي پوليس طرفان فليگ مارچ ڪيو ويو. نيور ڇور ۾ پيپلزپارٽي ڪارڪنن راجيش سوٽهڙ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ڇور ۾ به آصف زرداري جي گرفتاري پ پ جيالن پاران ٽائرن کي باهيون ڏئي عمرڪوٽ باءِ پاس روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ڪيٽي بندر ۾ به پ پ جي ڪو چيئرمين جي گرفتاريءَ خلاف محمد ڪنڀار، واحد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. آصف زرداري جي گرفتاري خلاف دادو ۾ جزوي شٽربند هڙتال رهي، پ پ يوٿ ضلعي دادو جي صدر غلام مرتضيٰ گورڙ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ميهڙ ۾ به آصف زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو ويو. آصف زرداري جي گرفتاري خلاف کوسڪي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئيوئي. پ پ ڪارڪنن مظاهرو ڪري ڌرڻو پڻ هنيو. اُن موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي خلاف هٿ وٺي سازشون شروع ڪيون ويون آهن، عمران خان پنهنجي ناڪامي لڪائڻ ۽ عوام مٿان بجيٽ جو ٽوپي ڊرامو رچائي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ خاطر پيپلزپارٽي اڳواڻ آصف علي زرداري کي گرفتار ڪرايو آھي، نيب ونگار وهندي ڪارو قانون نافذ ڪيو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، ڪنھن صورت برداشت نه ڪيو ويندو، پيپلزپارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن چيو ته آصف زرداري جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪجي ٿي، هي سياسي انتقامي ڪارروائي آهي. عمران خان جي حڪومت کي جلد گهر ڀيڙو ڪيو ويندو.مٺياڻي ۾ به آصف زرداري جي نيب هٿان گرفتاري خلاف مين چوڪ مٺياڻي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن آصف زرداري جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته آصف زرداري جي گرفتاري پيپلزپارٽي خلاف سٽيل منظم سازش جي ڪڙي آھي پر هاڻ هي ڊراما هلڻ نه ڏينداسين. قاضي احمد ۾ آصف علي زرداري جي نيب هٿان گرفتاري خلاف ڳوٺ فتوحل زرداري سان تعلق رکندڙ رهواسين ارشاد زرداري، مٺو زرداري ۽ شوڪت زرداري جي اڳواڻي ۾ زرداري برادري جي ماڻھن پ پ پ جا جهنڊا کڻي مظاهرو ڪيو. پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو پڻ هنيو ويو. شاهپور چاڪر ۾ نيب هٿان پيپلزپارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف يوسي پريتم آباد جي سوين پ پ جيالن پاران ٽريڪٽر ٽرالين ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن تي ريلي ڪڍي مين ناڪي وٽ ڌرڻو هنيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ پ پ ڪارڪنن طرفان سخت احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڦل، دولپتور صفن، شاهپور چاڪر، نئين ديري، رتيديري تو ڙي ٻين شهرن ۾ پ پ ڪارڪنن ۽ عهديدارن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو. آصف زرداري جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو.