سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات، ٻين صوبن ۾ به وسڪارو، ٿڌ ۾ واڌ

January 31, 2019 at 8:12 pm

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾  هلڪي ۽ ڪٿي تيز پوندڙ برسات ٿڌ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.ڪراچي شهر جي مختلف علائقن گلشن اقبال، گلستان جوهر، گلشن معمار، فيڊرل بي ايريا، غريب آباد، لياقت آباد، بهادر آباد، ڪارساز، بلديا ٽائون، سهراب ڳوٺ، سپر هاءِ وي، نارٿ ناظم آباد، سولجر بازار، اولڊ سٽي ايريا ۾ هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات پئي.حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ٺٽو، ڄامشورو، ٽنڊومحمدخان، ٽنڊوالهيار، مٽياري، دادو، سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ به برسات ٿي، جڏهن ته بدين جي سامونڊي پٽي تي پوندڙ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار بڻجي ويو آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻي، سانگهڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سان گڏ ڳڙو پڻ پيو آهي.پنجاب ۾ لوڌران ، ملتان، سيالڪوٽ، ميلسي، ڪماليا ۽ ٻين شهرن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو گذريل 24 ڪلاڪن کان جاري آهي. خيبرپختونخواهه جي شهر صوابي، بنون ۽ ڀرپاسي ۾ برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو