سنڌ حڪومت خلاف سازش ڪرڻ وارا پنهنجي حڪومت جي فڪر ڪن: مرتضيٰ وهاب
January 24, 2019 at 8:15 pmڪراچي (اسٽاف رپورتر) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گورنر سميت سب آئين ۽ قانون جي تابع آهي، گورنر جو عهدو سياسي نه آهي هو پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري، هو پنهنجي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. هن وڌيڪ چيو ته گورنر سنڌ سازشن کان پري رهي ۽ صوبي ۾ بجلي، گيس جي لوڊشيڊنگ جي مسئلن تي صوبائي حڪومت جي مدد ڪري ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي مسئلن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت غلط نه آهي بلڪه کيس پالسي ئي ڪونهي ، گذريل ڇهن مهينن دوران اسان حڪومت کي ڪنفيوز ئي ڏٺو آهي. هن واضح چيو ته گورنر سنڌ آئين مطابق صوبائي حڪومتي ايڊوائس تي ڪم ڪرڻ جو پابند آهي سنڌ حڪومت خلاف سازش ڪرڻ وارا پهرين پنهنجي حڪومت جي فڪر ڪن. تحريڪ انصاف جي حڪومت جي معاشي، تجارتي ۽ سياسي پاليسي نه هئڻ ڪارڻ عوام پريشاني جو شڪار آهن ۽ قوم کي مشڪلات کان ڪڍڻ لاءِ کين ڪوبه واضح ايجندا نه آهي ۽ فقط ميڊيا ذريعي سياسي بيان بازي ڪندا آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت جي دوستن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده ٿين هاڻي اهي اپوزيشن ۾ نه آهي بلڪه حڪومت ۾ آهن. گڏهن ۽ انڊن جي فارمنگ کان ٻاهر نڪرن. هن چيو ته سياسي طور تي متحريڪ هئڻ هر سياسي جماعت جو حق آهي پر ڪم لاءِ متحرڪ ٿين نه ئي سازشن لاءِ. گذريل ڏينهن هڪ ٽارزن به هتي آيو هو جيڪو سنڌ حڪومت ڪرائڻ چاهي ٿو پر ناڪامي ان جي مقدر ۾ هئي ڇوته سنڌ حڪومت عوام جي ووٽن ذريعي وجود ۾ آئي آهي اها ڪابه خريد ڪيل حڪومت نه آهي. سنڌ حڪومت سازشن باوجود قائم ۽ دائم آهي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بيرسٽر مرتضيٰ وهاب هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته پي ٽي آئي سازشون بند ڪري عوام جي خدمت ڪري ، ان کي جيئن تيئن اقتدار ملي ويو ۽ هو وفاق ۽ پنجاب ۾ پنهنجي اقتدار جي فڪر ڪري، اوهان جا حليف اوهان جي پاليسين ڪارڻ اوهان کان پري آهن ايئن نه ٿئي جو پاڻ سازش جو شڪار ٿي وڃن