سنڌ حڪومت پاران اشتهارن جي سڌي ريت ادائيگي نه ڪرڻ خلاف سي پي اين اي جو احتجاج

December 11, 2018 at 8:29 pm

ڪراچي (پ ر): سنڌ حڪومت ڏانهن اخبارن جون رهيتن سڌو سنئون اخبارن کي ادا ڪرڻ بجاءِ بدعنوان، باقيدار ۽ نيب زده اشتهاري ايجنسين ذريعي ڪرائڻ خلاف ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز ( سي پي اين اِي ) پاران سنڌ اسميبليءَ سامهون پرامن احتجاجي مظاهيو ڪيو ويو، جنهن ۾ ايڊيٽرن، ڪراچي پريس ڪلب ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن، سينيئر صحافين ۽ ميڊيا جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سي پي اين اِي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ، طاهر نجمي، سعيد خاور، مظفر اعجازالحق، احمد اقبال بلوچ، غلام نبي چانڊيو، عبدالخالق علي، عدنان ملڪ، فقير منٺار منڱريو، ميان طارق جاويد، محمد طاهر، شير محمد کهاوڙ، ، زاهده عباسي، حميده گهانگهرو، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر احمد خان ملڪ، جنرل سيڪريٽري مقصود يوسفي، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽيءَ جي حسن عباس، فهيم صديقي ۽ جي ايم جمالي سميت ڪيئي صحافين شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. هُنن چيو ته اخبارن کي ادائگين جي نالي تي بدعنوان، باقيدار ۽ نيب زده اشتهاري ايجنسين کي سنڌ حڪومت پاران قومي خزاني مان انتهائي وڏيون رقمون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته سنڌ حڪومت کي انهيءَ ڳالهه جي بخوبي خبر آهي ته ان کان اڳ به سنڌ حڪومت پاران بدعنوان، باقيدار ۽ نيب زده اشتهاري ايجنسين کي اربين روپيا جاري ڪيا ويا آهن تنهن هوندي به انهن ايجنسين پاران اخبارن کي انهن جو رهتون ادا نه ڪيون ويون آهن جنهن ڪري اخباري ۽ ميڊيا جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن انتهائي مالي مشڪلاتن ۽ معاشي تنگيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت هڪ دفعو وري اخباري ادارن کي اشتهارن جي مد ۾ ادائگيون ڪرڻ بجاءِ ڪروڙين روپيا بدعنوان، باقيدار ۽ نيب زده اشتهاري ايجنسين کي جاري ڪري رهي آهي. سي پي اين اِي جو موقف آهي ته اخباري ادارن کي رهتون ادا ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي تنهنڪري ضروري آهي ته سنڌ حڪومت اشتهاري ايجنسين بجاءِ اخباري ادارن کي سڌو سنئون رهتون ادا ڪري ٻي صورت ۾ سنڌ حڪومت جي عوامي خزاني مان هڪ دفعو ٻيهر ماضيءَ وانگر ادائگيون ٿيڻ باوجود اخباري ادارن کي انهن جون رهتون ملي نه سگهنديون. مظاهري دوران سنڌ جي اطلاعات کاتي جي مشير بيريسٽر مرتضى وهاب اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو سان گڏجي مظاهري کي خطاب ڪندي سي پي اي اِي جي مطالبن جي ڀرپور نموني تاعيد ۽ حمايت ڪئي ۽ سي پي اي اِي جي وفد کي پنهنجي دفتر ۾ ملاقات لاءِ دعوت ڏني ته جيئن اخبارن جي فوري ۽ سڌي ادائگين لاءِ طريقه ڪار واضع ڪري سگهجي. مظاهري ۾ قاضي اسد عابد، عبدالرحمان منڱريو، مدثر عالم، ڊاڪٽر وقار يوسف عظيمي، عثمان عارب ساٽي، صحبت ٻرڙو، عبدالقيوم خان، ذوالفقار راڄپر، قاضي سجاد اڪبر، اعجاز ناپيو، حسينه جتوئي، جعفر جتوئي، شبير مظهر، اصغر علي، وحيد مشوري، عبدالوهاب سومرو، جاويد شيخ، عبيد صديقي، ناصر ناز، منصور ڪورائي، يوراج گرماڻي، عمران شهزاد، قاضي آصف، نعيم، حمزه، مشتاق ميراڻي،اختر حسين، طاهر تنولي، خالد غوري، الله بخش سومرو، رياض احمد کتري، جميل چانڊيو، سهيل احمد، حسيب ڪاظم، الله بخش راٺوڙ، شڪيل احمد، عمران ڪورائي، سمينه منير، عامر وحيد، عزيز مغل، هارون رشيد، فرزانه خان، ثاقب خان، وليد خان، ماجد سومرو، مجيب سنڌو، اوم پرڪاش، محمد تنوير، طفيل خان ۽ نور محمد سميت وڏي انگ ۾ صحافين ۽ ميڊيا جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو