سنڌ سرڪار طرفان مالي سال 20-2019 جي 12 کرب 17 ارب جي ماليت واري بجيٽ پيش: 2 کرب 84 ارب رُپيا ترقياتي رٿائن لاءِ مختص
June 14, 2019 at 4:16 pmڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار نئين مالي سال 20-2019 جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن طرفان احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته نئين مالي سال دوران سنڌ کي 12 کرب 17 ارب 89 ڪروڙ 97 لک رُپين جو وفاق توڙي پنهنجن وسيلن مان مجموعي آمدني ٿيڻ جا امڪان آهن. هُن چيو ته نئين مالي سال دوران ٽئڪس اوڳاڙي جو حدف 145 ارب رُپيا رکيو ويو آهي، جڏهن ته اسان 2 کرب 84 ارب جا ترقياتي ڪم ڪرائينداسين. صوبائي سطح تي تي سالياني ترقياتي پروگرامز يعني اي ڊي پي تحت نئين مالي سال لاءِ 2 کرب 8 ارب رُپيا رکيا ويا، جڏهن ته ضلعي سطح تي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 20 ارب، پرڏيهي فنڊز مان هلندڙ منصوبن لاءِ 51 ارب ۽ وفاقي گرانٽس تحت هلندڙ منصوبن تي 51 ارب رُپيا خرچ ڪيا ويندا. بجيٽ تقرير دوران وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي ايڇ وفاق پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي ڇڏيون آهن، تنهن ڪري اُنهن لاءِ پئسا ناهن رکيا ويا.سنڌ سرڪار تعليم جي شعبي لاءِ بجيٽ وڌائي 178 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا، جڏهن ته هن شعبي ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ 15 ارب رُپيا رکيا ويا آهن. سنڌ سرڪار طرفان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 178.618 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي، جڏهن ۾ تعليم جي شعبي ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 15.15 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا، جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن جي ڇوڪرين کي اسڪولن تائين پهچائڻ لاءِ بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته نئين مالي سال دوران ٻارن جي تعليم کي هٿي ڏيارڻ لاءِ 1500 وڌيڪ ڪلاسز تعمير ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. بجيٽ تقرير دوران وڏي وزير ٻڌايو ته تعليم کاتي ۾ 279 رٿائن (188 هلندڙ ۽ 91 نيون رٿائون) لاءِ 15.15 ارب رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ اعلان ڪيو ويو ته عمارتن کان محروم 20 پرائمري اسڪولز کي 6 ڪلاس رومز تي ٻڌل اسڪولز قائم ڪري ڏنا ويندا. بجيٽ ۾ هلندڙ مالي سال دوران هڪ هزار 772 پرائمري توڙي سيڪنڊري اسڪولز جي لاءِ رقمون مخصوص ڪيون ويون آهن. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن کي 9.597 ارب رُپين جا فنڊز مخصوص ڪيا ويا. بجيٽ ۾ ڪراچي جي ڪورنگي، ملير، ڪراچي اولهه، عمرڪوٽ ضلعي، سکر، ڄامشورو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ سانگهڙ ۾ 17 نوان ڊگري ڪاليجز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ سرڪار طرفان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ توانا جي شعبي لاءِ 24 ارب، زراعت جي شعبي ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 22 ارب ۽ روڊز جي تعمير لاءِ 22 ارب رُپيا رکيا ويا. سنڌ سرڪار طرفان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ توانائي جي شعبي لاءِ 24 ارب رُپيا رکيا ويا. وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ تقرير ۾ چيو ته بجلي جي شعبي لاءِ الڳ سان 59 ڪروڙ رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. جون 2020ع تائين 570 ڳوٺن تائين بجلي پهچائي ويندي. وڏي وزير ٻڌايو ته زراعت جي شعبي ۾ 210 هلندڙ ۽ 63 نين ترقياتي رٿائن لاءِ 22 ارب رُپيا رکيا ويا آهن. گڊو بئراج جي بحاليءَ لاءِ ڪم جاري آهي، جڏهن ته هلندڙ سال ورلڊ بئنڪ سان گڏجي سکر بئراج جي مرمت ۽ بحاليءَ وارو ڪم شروع ڪيو ويندو. خيرپور ضلعي ۾ سولر ٽيوب ويلز لڳائڻ لاءِ هڪ ارب رُپيا رکيا ويا، جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي وارين رٿائن لاءِ 80 ملين مخصوص ڪيا ويا. ترقياتي رٿائن ۾ روڊ رستن جي تعمير لاءِ 22 ارب رُپيا رکيا ويا. وڏي وزير ٻڌايو ته اُنهن اسڪيمن ۾ ٺل کان ڪنڌڪوٽ، شيرانپور کان رتوديرو، سانگهڙ کان ميرپور خاص وايا سنڌڙي، ڊگهڙي کان نئون ڪوٽ ۽ خيبر کان سانگهڙ ويا ٽنڊو آدم روڊز شامل آهن.