سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي: ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪي ڇڏيو
March 11, 2019 at 7:05 pmنئين دهلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)ڀارت پاڪستان جو واڌو پاڻي روڪي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان ويندڙ پاڻي کي روڪي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي.ڀارت جي آبي وسيلن واري مملڪتي وزير ارجن ميگوال جو چوڻ آهي ته ڀارت اوڀر وارن دريائن مان هينئر تائين 5 لک 30 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي پاڪستان وڃڻ کان روڪيو آهي ۽ اهو پاڻي هاڻي اسان پاڻ استعمال ڪنداسين. ڀارتي وزير راجسٿان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 0.53 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي پاڪستان وڃڻ کان روڪيو آهي ۽ جڏهن راجسٿان يا پنجاب کي ان جي ضرورت پوندي ته اهو پاڻي تڏهين استعمال ڪيو ويندو. ارجن ميگوال جو وڌيڪ چوڻ هو ته روڪيل پاڻي پيئڻ ۽ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.ٻئي پاسي انڊس واٽر ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀارت پاران پاڻي روڪڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون، جيڪڏهن ڀارت ائين ڪيو ته ٽياڪڙي واري عالمي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو، ڀارت سنڌ طاس ٺاهه مطابق پاڪستاني پاڻي نٿو روڪي سگهي. انڊس واٽر ڪميشن جي اختيارين مطابق پاڻي روڪڻ بابت ڀارت پاڪستان کي آگاهه ناهي ڪيو، ڀارت ۾ چونڊن سبب پاڪ_ڀارت پاڻي تي ڳالهيون رولڙي جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، پاڻي تي پروپيگينڊا ڪرڻ ڀارت جي پراڻي عادت آهي، وري پاڻ ئي ڳالهه ٻولهه تي اچي ويندو آهي. انڊس واٽر ڪميشن اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت به معاملي جو غور سان جائزو وٺي رهي آهي، ڀارت کي پاڻي جو رخ موڙڻ لاءِ ڪيترائي سال لڳندا.