سنڌ مادرِ وطن آهي، بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو: گورنر عمران اسماعيل جو بيان تي تنقيد بعد وضاحتي بيان

May 8, 2019 at 4:14 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل صوبي جي ورهاڱي جي حوالي سان بيان تي تنقيد بعد وضاحت ڪندي چيو آهي ته سنڌ مادرِ وطن آهي، اهڙي ڳالهه عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي سرگرمين ۾ واضح نظر اچي ٿي، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گورنر آئيني حدن ۾ رهي ۽ اهڙا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪري. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل صوبي ورهائڻ جي حوالي سان شديد تنقيد ٿيڻ بعد وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي سنڌي ۽ اردو ۾لکيل بيان ۾ گورنر چيو ته سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، مون اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ۽ عوام دوست حڪمراني جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن تي اڃا قائم آهيان. بيان ۾گورنر عمران اسماعيل چيو ته سنڌ مادرِ وطن آهي، جنهن کيس عزت ڏني ۽ هن عهدي تي پهچايو. عمران خان ۽ پارٽي جي سرگرمين مان سنڌ جي وحدت واري ڳالهه واضح طور نظر اچي رهي آهي. اُن کان اڳ سُڌ سماءَ واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سنڌ جي ورهاڱي جي حوالي سان بيان ڏيڻ تي گورنر عمران اسماعيل تي تنقيد ڪئي. بيان ۾ سندس چوڻ هو ته گورنر جو آئيني عهدو هوندو آهي، تنهن ڪري سنڌ جو گورنر پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ۽ سياسي بيان ڏيڻ کان پاسو ڪري، سنڌ اسيمبلي صوبي جي ورهاڱي جا خواب ڏسندڙن کي واضح پيغام ڏئي چڪي آهي.

برکا جو فيس بوڪ صفحو