سنڌ ۽ بلوچستان کي گڏائڻو آهي، اقليت ۾ آڻڻ کان بچائڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻي پوندي:سياسي اڳواڻ/ قانوندان
January 18, 2019 at 8:11 pmسن (رپورٽر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه چيو آهي ته جي ايم سيد مرشد نه هو، هو سياستدان هو غلط کي غلط چوندو هو، جي آئي ٽي ۾ ثبوتن سان ڪرپشن ثابت ٿيل ملڪ جا رکوال ٿيو ويٺا آهن، اسين دريا جي ڪناري تي ويٺا آهيون پر پاڻي ڍڪ لاءِ تڙپايو ٿو وڃي، ڪارڪن بلدياتي اليڪشن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن. ايس يو پي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ آسمه ابڙو چيو ته جي ايم سيد اسانکي ٻڌايو ته سنڌي قوم آهن، سنڌ جون نياڻيون سائين جي ايم سيد جي ڏنل تعليم تي عمل ڪنديون ۽ سائين سان وچن نڀائينديون. عوامي جهموري پارٽي جي اڳواڻ وشنومل چيو ته اسان سنڌين پاڪستان ٺاهڻ لاء جدوجهد ڪئي ملڪ ٺهڻ کان پوءِ اسانکي چيو ويو ته ايجنٽ آهيو. ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته اسانکي ٻڌايو وڃي ته سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي ملڪ جا سربراهه چون ٿا ته اوهان 25 فيصد فيڊريشن جا حصيدار آهيو ڪٿي آهي اسان جو 25 فيصد حصو. جسٽس وجيهه الدين چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار جي ايم سيد جو آهي سنڌي ۽ بلوچن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ گهرجي. ڪوٽڙي وٽ بند ڏئي ٻوڏ جو پاڻي ذخيرو ڪري سگهجي ٿو، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي عبدالحئي بلوچ هر حالت ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي گڏائڻو آهي سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا هڪڙا آهن، انهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ وٺل سڀ ٺڳ آهن پناهگيرن کي پنهنجي ماڳن ڏانهن موڪلڻو پوندو. جلسي کي زين شاهه ۽ ٻين به خطاب ڪيو. جلسي ۾ 6 قراردادون پيش ڪيون ويون، قرادادن ۾ جي ايم سيد جي شخصيت، فڪر، جدوجهد کي قومي ورثي طور ۽ وطن دوستي رواداري امن عالم جو پيغام جاري رکڻ جو عزم ڪيو ويو. 1940 جي قرارداد تحت ملڪ کي نه هلائڻ ۽ ڪنٽرول ڊيموڪريسي تحت جهموريت کي پابند رکڻ واري سوچ فيڊريشن کي بحران در بحران جو شڪار بڻائي ڇڏيو آھي هي ميڙاڪو مطالبو ڪري ٿو ته پاڪستان جي وفاق کي 1940 جي قرار داد ذريعي قوم جي برابري وارو وفاق بنائي، ڪنٽرول ڊيموڪريس جو خاتمو آڻي حقيقي جمهوريت کي بحال ڪيو وڃي. قرار داد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ اندر احتساب جي عمل شفاف بڻائڻ لاء ڪرپشن ۾ ملوث تمام ڪردارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سنڌ مان لٽيل دولت کي واپسي يقيني بڻايو وڃي. ڪالاباغ ڊيم، ڀاشا ڊيم سميت سڀني ڊيمن کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ورڇ کي منصفاڻو بڻايو وڃي سنڌ کي سنڌين جو تاريخي وطن سمجهي غيرملڪين جي لوڌ کي روڪيو وڃي. افغانين، بنگالين ۽ برمين سميت سڀني ڌارين کي ملندڙ قومي ڪارڊ جي مذمت ڪيون ٿا ۽ سنڌ مان کنڀي گيم ڪيل قومي ڪارڪنن کي ظاهر ڪري قانون موجب عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. تقريب شاعرن پنهنجي شاعري ٻڌائي جڏهن ته آخر ۾ راڳين شفيع فقير، وقار ملاح،ريشما پروين سر وکيري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.