سنڌ ۾ استادن جي ڀرتيءَ لاءِ پاسنگ مارڪون پنجاهه سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو

February 7, 2019 at 9:32 pm

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ سرڪاري استادن جي ڀرتي لاءِ پاسنگ مارڪون 60 سيڪڙو مان گهٽائي 50 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تعليم واري صوبائي وزير سردار علي شاهه اهڙي سمري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اماڻي ڇڏي آهي.رپورٽن مطابق سنڌ جي تعليم کاتي پاران 6 هزار جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز ۽ 1190 ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز لاءِ آءِ بي اي سکر ذريعي گذريل سال آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ٽيسٽ ورتي وئي، جن بابت مختلف خدشا سامهون آيا ۽ تمام گهڻن اميدوارن ٽيسٽ ۾ مبينا غلطين جي نشاندهي به ڪئي.تعليم واري صوبائي وزير سردار علي شاهه سمري ۾ وڏي وزير کي گذارش ڪئي آهي ته جيڪڏهن امتحان ۾ پاسنگ مارڪون 60 سيڪڙو رکڻ واري شرط کي برقرار رکيو ويندو ته گهٽ انگ ۾ اميدوار پاس ٿيندا ۽ استادن جي ڀرتين جو مقصد حاصل نه ٿي سگهندو ۽ اسڪول ائين ئي خالي هوندا.سردار شاهه مطابق ٽيسٽ نتيجن مطابق 60 سيڪڙو مارڪن تي رڳو 24 سيڪڙو اميدوار ۽ 50 مارڪن تي 76 سيڪڙو اميدوار پاس ٿي ويندا، ان ڪري پاسنگ مارڪون 60 سيڪڙو مان گهٽائي 50 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو