سنڌ ۾ انگ 676، پنجاب ۾ 658، ڪي پي 221، بلوچستان 154 ڪيس، ملڪ ۾ انگ 1921 ٿي ويو
March 31, 2020 at 4:30 pm
ڪراچي/اسلام آباد(اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي اندر مجموعي انگ وڌي 676 ٿي ويو. ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 274، 94 تبليغي جماعت جي ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق بعد حيدرآباد ۾ مجموعي انگ 128 ٿي ويو، سکر ۾ 265، لاڙڪاڻي ۾ 7، جيڪب آباد ۾ هڪ ۽ دادو ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيل آهي. صحت واري وزير عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته سکر ۾ موجود 265 زائرين جا مثبت نتيجا آيا آهن، جڏهن ته 23 مريض علاج بعد صحتياب ٿي ويا آهن. صوبي اندر هيل تائين 8 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن. ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 1921 ٿي ويو، پنجاب ۾ 658، خيبرپختونخوا ۾ 221، بلوچستان 154، گلگت ۾ 148، اسلام آباد ۾ 58 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.