سنڌ ۾ برسات: مختلف واقعن ۾ 26 ڄڻا فوت: سوين گهر ڊهي پٽ

August 19, 2022 at 11:34 pm

ڪراچي(نمائندن وٽان): سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر اُجاڙي ڇڏيا، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سوڌو 26 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن دريا خان مري جي ڳوٺ غلام قادر مري ۾ گهر ڊهڻ سبب معصوم 3 ڀاءُ ڀينرون اجل جو شڪار ٿي ويون ۽ 3 عورتون زخمي ٿي پيون، فوتين ۾ عبدالغفار، سندس ڀينرون زاهده ۽ شهزادي ڀٽو شامل آهن ٺارو شاهه جي ڳوٺ عظمت ديرو ۾ گهر ڊهڻ سبب پيءُ پُٽ دٻجي فوت، هڪ مينهن ۽ 10 ٻڪريون به دٻجي مري ويون ، فوتين ۾ برڪت سيال ۽ سندس نوجوان پُٽ محمد ڇُٽل شامل آهن دادو ۾ برسات دوران گهر پٽ پوڻ سبب هڪ ڄڻو ڌرمو باگڙي دٻجي فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،فيض گنج  ۾ 2 گهر ڊهڻ سبب ڳوٺاڻو مصري راجپوت ۽ نينگري آصفه شر دٻجي فوت ٿي ويا   ڀريا روڊ جي ڳوٺ چانهين سهاڳ ۾گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت پروين لاشاري فوت ٿي وئي، جڏهن ته نصرپور ۾گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب پيرسن معشوق گهراڻو فوت ٿي ويو ميان صاحب جي ڳوٺ عنايت جهلڻ ۾ هڪ گهر جي ڇِت ڪِرڻ سبب 6 ورهين جي ٻارڙي دٻجي فوت ٿي وئي قاضي احمد جي صاحب ڪالوني ۾ گهر جي ڀِت ڪري پئي، نينگر عبدالله آرائين فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ گهر ڇِت ڪِرڻ سبب ٻارڙي شاھده ڪنڀر دٻجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 2 ٻارڙيون زخمي ٿي پيون ٺل ۾ گهر پٽ پوڻ سبب ناري گُل خاتون دم ڏئي ڇڏيو، رتوديرو جي ريشم گهٽي پاڙي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب 48 ورهين جي نگينا سرهيو ۽ سندس  22 ورهين جي نياڻي شاهه رخ دٻجي فوت ٿي وئي ميھڙ جي سوجھرو ڳورڙ ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب اسلم ڳورڙ دٻجي دم ڏنو، ميھڙ جي ڳوٺ ٿيٻا ۾ ڀت ڪرڻ سبب پيرسن عورت سياڻي دٻجي فوت ٿي وئي ڀريا روڊ ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت پروين لاشاري فوت، نوشهروفيروز ۾ پيرن واري مسجد جو گنبذ ڊهڻ جي نتيجي ۾ 10 کُٿابي دٻجي زخمي ٿي پيا سنڌي ٻٽڙا جي ڳوٺ صديق جويو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب نينگر  مظفر جويو فوت ٿي ويو، ڪڪڙ ڀرسان ڳوٺ ميوو چانڊيو ۾گھر ڊھي پيو، نوجوان سليم چانڊيو فوت ٿي ويو فريد آباد ۾40،ڪُنب ۾ 20، گهوٽڪي جي علائقي سرحد ۾ 7،باڊهه ۽  شهدادڪوٽ ۾ هڪ هڪ گهر  ڊهي پٽ ٿي ويا، متاثر کُليل آسمان هيٺ ويٺل آهن نوشهروفيروز ۾ پيرن واري مسجد جو گنبذ ڊهڻ جي نتيجي ۾ 10 کُٿابي دٻجي زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو