سنڌ ۾ بيروزگاري جو خطرناڪ بحران اُٿي رهيو آهي:مرتضيٰ وهاب
December 15, 2018 at 12:13 amڪراچي (اسٽاف رپورتر) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ قدرتي گيس جي هٿراڌو پاپندي سان احتجاجي حالت ۾ وفاق آڏو سنڌ جو مقدمو پيش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل هڪ اجلاس کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي کيس گڏ توانائي وارو صوبائي وزير امتياز شيخ پڻ هو. اطلاعات واري صلاحڪار چيو ته سنڌ حڪومت گيس جي هٿراڌو بحران تي وفاقي وزير آڏو پنهنجو موقف بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته گيس جي قومي پيداوار ۾ سنڌ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو ڏيندو آهي پر سنڌ گيس جي هٿراڌو پابندي سان بيروزگاري جو خطرناڪ بحران پيدا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اهو ڪهڙو ڪارڻ آهي جو سڀ کان پهرين سنڌ کي فراهم ڪيل گيس تي پابندي مڙهي وئي ۽ ڪيپيٽو پاور پلانٽن جي گيس بند ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سمورن سي اين جي اسٽيشنن تي پڻ گيس جي فراهمي بند آهي جنهن سبب شهر ۾ نظام زندگي متاثر ٿي چڪي آهي ۽ شهر جو تعليمي نظام پڻ ٻارن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن نه وڃڻ ڪري متاثر ٿيو آهي. صوبائي صلاحڪار چيو ته وفاقي حڪومت انساني حقن جي بنيادن تي ڄاڻايل اهم مسئلي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ لاءِ هنگامي اپاءُ وٺي ته جيئن سنڌ ۾ متاثر ٿيندڙ ڪاروباري زندگي کي پنهنجي معمول موجب آندو وڃي.