سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي،مظاهرا، ڌرڻا، درياءَ تي دعائون

May 10, 2022 at 11:09 pm

ڪراچي(م ڊ): سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي، سنڌو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهتي آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامڻ لڳي، 1991 واري پاڻي معاهدي تحت مئي جي مهيني ۾ ڪوٽڙي بيراج وٽ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود هئڻ گهرجي  هن وقت ڪوٽڙي بيراج ۾ رڳو 200 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، حيدرآباد، ٺٽي، سجاول ۽ بدين سميت مختلف علائقن ۾ بيٺل فصلن ۽ ڪپهه کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو خدشو آھي، سانگهڙ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 50 کان 60 سيڪڙو ۽ پڇڙيءَ جي شاخن ۾ کوٽ 80 سيڪڙو تائين وڃي پهتي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بدترين کوٽ خلاف چوٿين ڏينهن به آبادگار ۽ سياسي سماجي تنظيمون سراپا احتجاج بڻيل آهن، سڪرنڊ، سن، فيض گنج، ڪرونڊي ۽ ٻٻرلوءِ ۾ آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا جهڏو ۾ آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن ريلي ڪڍي، ڪرونڊي ۾ ڌرڻي دوران هڪ آبادگار پاڻ تي پئٽرل هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماڻهن کيس روڪي ورتو مظاهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري زراعت تباهه ڪئي پئي وڃي، سکر ۾ آبادگارن جو وفاقي وزير خورشيد شاهه جي گهر آڏو به احتجاج ڪيو ويو ٻئي پاسي سنڌ ۾ پاڻيءَ کوٽ خلاف تحريڪ انصاف جا ڪارڪن به روڊن تي نڪري آيا آهن، جن سکر بيراج وٽ ڌرڻو هنيو آهي پي ٽي آءِ اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته سنڌ ۾ رڳو بااثر ۽ حڪومتي ماڻهن کي پاڻي ملي رهيو آهي، پڇڙيءَ جي آبادگارن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي  سکر ۾ عورتن پاران درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪندي پاڻيءَ جي کوٽ جي خاتمي لاءِ دعائون به گهريون ويون

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو