سنڌ ۾ پنجين ڏينهن به سي اين جي بند، ٽرانسپورٽ نظام درهم برهم، عوامي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل
December 13, 2018 at 6:25 pmڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پنجين ڏينهن ۾ به سي اين جي بند آهي، جنهن سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ سي اين جي جي ڊگهي بندش جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، ڪراچي ۾ مسلسل پنجين ڏينهن به سي اين جي بند هئڻ سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي. سنڌ ٽرانسپورٽ اتحاد طرفان گئس جي بندش جي معاملي تي اڻڄاڻايل مدي لاءِ بسون نه هلائڻ جي اعلان بعد شهر قائد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ روڊن تي نه هئڻ بربار آهي. روڊن تي ايندڙ بسن جي ڇتين تي به مسافر سوار آهن، جڏهن ته رڪشا ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن به من پسند ڀاڙا وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ کوٽ سبب اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ آفيس ويندڙ ماڻهن کي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته گئس جي بندش سبب سنڌ ۾ 70 سيڪڙو صنعتون به بند ٿي ويون آهن. بس ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن ٽرانسپورٽ جي نظام جي خراب صورتحال تي صوبائي حڪومت جي خاموشي کي بي حسي قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف سوئي سدرن گئس جي ترجمان چيو آهي ته فني خرابي سبب گمبٽ ۽ ڪنر گئس فيلڊ مان گئس جي سپلاءِ گهٽ ٿي رهي آهي، سسٽم ۾ پهريون ئي گئس جي گهٽتائي هئي ۽ فني خرابي سبب وڌيڪ کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ترجمان موجب ريگولر گئس ملڻ تي سي اين جي سيڪٽر کي گئس فراهم ڪئي ويندي پر پهرين ترجيح گهريلو صارفين کي گئس فراهم ڪرڻ آهي.