سياست داءُ تي لڳائي آهي، آءِ ايم ايف سان معاملا جلد طئه ٿي ويندا: وزير اعظم

February 24, 2023 at 11:55 pm

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملا جلد طئه ٿي ويندا، ملڪ خاطر سمورين سياسي پارٽيز پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، اسان پاڻ پنهنجي گهر کي ٺيڪ نه ڪيو ته ٻيو ڪري مدد لاءِ نه ايندو
ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته هڪ سياسي پارٽي جي ڪوشش آهي ته رستن تي معاملا طئه ڪيا وڃن
هن چيو ته پنهنجي انا ۽ پسند ناپسند کي پاسيروڪري ملڪ خاطر ڪم ڪرڻو پوندو، سيڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن
ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ هٿياربندن فوجن جي سربراهن سوڌو ٻين ميمبرز شرڪت ڪئي، جنهن دوران ملڪ اندر دهشتگردي جي لهر ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو