سياسي دهشتگردي جي بنياد تي حڪومت ناهي هلندي: سراج الحق
November 25, 2018 at 5:19 pmلاهور ( م ڊ ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته سياسي دهشتگردي جي بنياد تي حڪومت ناهي هلندي. لاهور ۾ خاتم الانبيا ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته اسان کي امن جي ضرورت آهي ۽ حڪومت کي پنهنجي ڪارروائين تي غور ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ملڪ ۾ ڪو به محفوظ ناهي رهيو، مان يوٽرن ۽ ابائوٽ ٽرن جون ڳالهيون نٿو ڪريان، پر قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ جي ڳالهه ڪريان ٿو، حڪومتون جيڪو ڪم پنهنجن آخري ڏهاڙن ۾ ڪنديون آهن اهو موجودا حڪومت شروعات ۾ ئي شروع ڪري ڇڏيا. سراج الحق چيو ته ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي حملي ۽ هنگو ۾ ڌماڪو ٿيو، ملڪ ۾ ڪو به سياسي ليڊر، آفيسر ۽ قونصل خانا محفوظ ناهن، حڪومت ٻيهر پنهنجن ادائن تي غور ڪري، ڪٿي جهول، ڏار موجود آهي، ويڙهه، جهيڙا، سياسي دهشتگردي، لاٺ ۽ گولي جي بنياد ته ڪا به حڪومت ناهي هلندي. جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ آهي ته سيڪولر طبقي کي اسلامي ملڪن تي غالب ٿيڻ نه ڏينداسين، 71 سال گذري ويا آهن پر ملڪ نه اسلامي نطام لاڳو ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري عدالتي نظام اسلام موجب آهي، 2 هزار 222 ارب رپين جي بجيٽ رڳو وياج جي ادائيگي لاءِ رکي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ختم نبوت ﷺ عقيدي جي حوالي سان جنيوا ۾ عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرائنداسين.