سينيئر سياستدان ۽ قومپرست اڳواڻ رسول بخش پليجو سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

June 8, 2018 at 9:24 pm

ٺٽو(ڊ ر)سينيئر سياستدان ۽ مشهور قانوندان رسول بخش پليجو جو جنگ شاهي جي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.تفصيل موجب قومپرست اڳواڻ جي جنازي نماز ۾ مختلف سياسي شخصيتن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ سندس مڙهه آخري آرامگاهه طرف آندو ويو، جتي کيس سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.سينيئر سياستدان ۽ عوامي تحريڪ جو باني گذريل ڏينهن ڊگهي علالت کانپوءِ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس عمر اٺاسي سال هئي.عوامي تحريڪ جي ترجمان موجب رسول بخش پليجو ڊگهي عرصي کان بيمار هو، کيس ساهه، دل ۽ سيني ۾ تڪليف جي شڪايت هئي، لاڏاڻي جي وقت هو ڪلفٽن ۾ واقع نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

برکا جو فيس بوڪ صفحو