سپريم ڪورٽ نئين گاج ڊيم جي فوري اڏاوت جو حڪم ڏئي ڇڏيو

March 5, 2019 at 7:30 pm

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ نئين گاج ڊيم جي فوري طور اڏاوت جو حڪم ڏيندي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي واپڊا کي فنڊن جي وقت سر فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت عظميٰ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وفاقي ۽ سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته برسات جو سمورو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿي ويندو، سنڌ حڪومت شايد 2010 جي ٻوڏ وساري چڪي آهي، ٻوڏ ۾ پاڻي جو سڄو وهڪرو نئين گاج جي هنڌ تي ئي هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪم ڪرڻ جي نيت ئي ناهي، اها چاهي ئي نٿي ته ان جي صوبي ۾ ڪم ٿئي. ان تي ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت ۾ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت پنهنجي حصي جا فنڊ ڏيڻ تي راضي آهي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين فنڊ ڏيڻ تي جواب ناهي ڏنو. جسٽس گلزار پڇيو ته ڇا وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڪو رابطو ناهي؟ نئين گاج ڊيم لاءِ هر سال پئسو رکيو ويندو آهي، جيڪو ضايع ڪيو ويندو آهي، 30 سالن کان ان ڊيم جو معاملو هلي رهيو آهي، سنڌ حڪومت سان نيٺ مسئلو ڪهڙو آهي، عوامي مفاد جا ڪم هڪٻئي جي ڪلهي تي وڌا ويندا آهن، پوءِ عدالت نئين گاج ڊيم جي فوري طور اڏاوت جو حڪم ڏيندي وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي واپڊا کي فنڊن جي وقت سر فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت پلاننگ ڊويزن ۽ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري کان فنڊن جي فراهمي تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته عدالتي فيصلي تي قانون واري وزارت کان راءِ گهرڻ تي ڪابينا ڊويزن کان به جواب گهري ورتو، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو