سڄي سنڌ ۾ اڄ رات 12 کان لاڪ ڊائون جو اعلان

March 22, 2020 at 4:44 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار سڀاڻي کان صوبي ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ رات 12 وڳي کانپوءِ ماڻهن جي غير ضروري گهران نڪرڻ تي پابندي هوندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو، عوام ساٿ نه ڏنو ته سڄي محنت تي پاڻي ڦري ويندو. پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ رات 12 وڳي کان سڄي صوبي ۾ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ۽ واضح ڪيو ته جيڪڏهن عوام سندس ساٿ نه ڏنو ته سندن محنت تي پاڻي ڦري ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سڀاڻي کان هڙئي آفيسون ۽ اجتماعن جا هنڌ بند رهندا،ماڻهن جي غير ضروري گهران نڪرڻ تي به پابندي هوندي، جيڪو حڪومتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندو اُن کي گرفتار ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪري ٿو ته اُن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ هئڻ ضروري آهي، لاڪ ڊائون ۾ طبي سهولتون جاري رهنديون، مريض سوڌو 3 ماڻهو هڪ ئي گاڏيءَ ۾ سفر ڪري سگهن ٿا. سيد مراد علي شاهه چيو ته هڪ گاڏيءَ ۾ ڊرائيور سان گڏ رڳو هڪ ماڻهو کي سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي، لاڪ ڊائون دوران سرڪار، سياسي جماعتون ۽ سکيا ستابا ماڻهو گڏجي غريبن جي گهرن تائين راشن پهچائيندا يا راشن جا پئسا ڏيندا. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هو 15 ڏينهن ۾ ڪامياب ٿي ويا ته سمورن ماڻهن کي وبا کان بچائي وٺندا، جيڪڏهن عوام سندس ساٿ نه ڏنو ته سندس محنت تي پاڻي ڦري ويندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته هنن سڀني سياسي پارٽين ۽ عالمن سان مشاورت بعد لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو،هو مهانگائي ۽ ذخيرااندوزي کي روڪيندا، لاڪ ڊائون دو ران ضروري سروسز ، کائڻ پيئڻ جي هر شيءَ جي سپلاءِ جاري رهندي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو