سکر: ڪورونا وائرس سٽيل 265 زائرين مان 151 ڄڻن جي ٻيهر ٽيسٽ: 101 جي ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي
March 31, 2020 at 4:25 pm
سکر(رپورٽر) سکر ۾ ڪورونا وائرس سٽيل 265 مان 101 ڄڻن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر دعويٰ ڪئي آهي ته 265 مريضن مان پهرين مرحلي ۾ 151 ڄڻن جي ٻيهر ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان 101 جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي. انهن کي به گهر موڪلڻ لاءِ گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، جنهن بعد کين گهر اماڻيو ويندو.