سکر ۾ هندو برادري جي زمينن تي خورشيد شاهه قبضو ڪيو آهي: سپريم ڪورٽ ۾ انڪشاف

November 30, 2018 at 7:55 pm

 اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ هندو برادري جي زمينن ڪيس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته خورشيد شاهه سکر ۾ انهن جي زمينن تي قبضو ڪيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ هندو برادري جي زمينن تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي درخواستگذار تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته سکر ۾ هندو برادري جي زمينن تي قبضي ۾ خورشيد شاهه جو نالو اچي ٿو. ان تي چيف جسٽس حيرت جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته هي اڳوڻو مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه آهي؟ جنهن تي رميش ڪمار ٻڌايو ته ها، سکر مان ايندڙ رپورٽ ۾ خورشيد شاهه جو نالو آهي، ان کانسواءِ سنڌ ۾ ڊومڪي، مزاري ۽ شاهه سڀني هندو برادري جي زمينن تي قبضو ڪري رکيو آهي.اهڙن انڪشافن کانپوءِ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جن ماڻهن زمينن تي قبضو ڪيو انهن خلاف ڪهڙو ايڪشن کنيو وڃي؟ جنهن تي رميش ڪمار چيو ته لاڙڪاڻي ڊويزن جي رپورٽ فائنل ٿي وئي آهي، لاڙڪاڻي جي ڌرم شالا گئوشالا تي قبضو آهي، جڏهن ته قبرستان تي پڻ قبضو آهي، ان کانسواءِ ڀڳوان داس جي زمين تي قبضو غير رجسٽرڊ پاور آف اٽارني ذريعي ڪيو ويو. ان تي چيف جسٽس چيو ته جن ماڻهن قبضو ڪيو آهي، انهن کي نوٽيس جاري ڪريون ٿا.ٻڌڻي  دوران عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي 25 هزار ڏنڊ مڙهيندي رقم ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو