شادي جي گهر ۾ ڪهرام: لاهور ۾ هٿياربندن ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو
November 22, 2019 at 6:25 pmلاهور (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور جي گلبرگ واري علائقي ۾ شادي واري گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جتي هٿياربندن شادي کان ٽي ڏينهن اڳ ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب گلبرگ جي رهائشي مقتولا حرا جي والد گهر جي گهنٽي وڄائي ته ڇوڪري در کوليو ۽ ان دوران اوچتو موٽرسائيڪل سوارن ڇوڪري کي پڪڙي ورتو، جنهن تي والد مزاحمت ڪئي ته ان کي تشدد جو نشانو بڻايوويو، ان دوران هٿياربند موٽرسائيڪل سوارن ڇوڪري کي زبردستي کڻي وڃي ڪجهه پري پنڌ تي گوليون هڻي ان کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار ويندي ويندي ڇوڪري جا زيور به لاهي ويا، ڇوڪري جي ٽن ڏينهن کانپوءِ شادي هئي، پوليس مقتولا ڇوڪري جو قتل ڪيس والد جي مدعيت ۾ داخل ڪري ڇڏيو، والد چيو ته 2 هٿياربند ڌيءَ کي گهر جي ويجهو گرائوڊ ۾ کڻي ويا ۽ قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ڇوڪري جي موبائل فون جو رڪارڊ قبضي ۾ وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.