شادي ڪرڻ جي فيصلي کان اڳ سڀني کي اعتماد ۾ وٺندس: صبا قمر
December 1, 2019 at 5:47 pmلاهور:(شوبز نيوز)اداڪاره صبا قمر چيو آهي ته اڃان شادي جو سوال وقت کان اڳ آهي ۽ جڏهن شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪندس ته ان باري ۾ سڀني کي اعتماد ۾ وٺندس.هن چيو ته مان تمام جلد سڀني مداحن کي سرپرائز ڏيڻ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 53
واري آهيان. هڪ انٽرويو ۾ صبا قمر چيو ته ڊگهي عرصي کان منهنجي شادي جي حوالي سان مختلف افواهون هلي رهيون آهن ۽ مان سنجيدگي سان شادي جي حوالي سان سوچي رهي آهيان پر اهو نٿي ٻڌائي سگهان ته شادي ڪهڙي وقت ڪندس.هن چيو ته جڏهن شادي ڪندس ته ميڊيا سميت سمورن ماڻهن کي ان بابت آگاهه ڪندس. هن ٻڌايو ته شوبز ۾ شادين جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ شاديون ڪامياب به ٿي رهيون آهن.