شريف ڪٽنب ٻه ارب ڊالر ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي: فيصل واوڊا جي دعويٰ
February 5, 2019 at 6:33 pmاسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته شريف ڪٽنب پاران 2 ارب ڊالر ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي.نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته عمران خان جي سياست جو اهو طريقو آهي ته ڏوهارين کان پئسا به واپس ورتا وڃن ۽ کين سزا به ڏني وڃي. هن چيو ته شريف ڪٽنب مختلف ذريعن کان پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ هڪ ملڪ کي به وچ ۾ آندو هو، جنهن کان معذرت ڪئي وئي، جڏهن ته 2 ارب ڊالر ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي وئي هئي.هن چيو ته مخالف ڌر بار بار حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پر ڪيرائي نٿي، جيڪڏهن نواز شريف 7 ارب ڊالر جي ڳالهه ڪري ته اسان وزيراعظم کي درخواست ڪنداسين ته ان معاملي تي غور ڪري.