شنيرا اڪرم جي ڪپڙن ۾ ڦاسي مشهور ڊزائنر واڪ دوران ڪري پئي

October 28, 2019 at 6:07 pm

ڪراچي: (شوبز نيوز) فيشن پاڪستان ويڪ 2019 جي دوران مشهور ڊزائنر صبا اسد وسيم اڪرم جي گهر واري شنيرا اڪرم سان گڏ ريمپ تي واڪ ڪندي ڪري پئي.  ڪراچي ۾ ٿيندڙ 3 ڏينهن وارو فيشن پاڪستان ويڪ 2019 پنهنجي اختتام تي پهتو پر ان دوران جتي ملڪ جي مشهور ڊزائنرن خوبصورت ڪپڙا فيشن شو ۾ پيش ڪيا اتي ئي ڪجهه اهڙا واقعا به ٿيا جنهن سبب هن تقريب کي ماڻهو وساري نه سگهندا. فيشن پاڪستان ويڪ جي ٽئين ڏينهن وسيم اڪرم جي گهر واري شنيرا اڪرم فيشن ڊزائنر صبا اسد جي ڪپڙن کي پيش ڪيو ۽ شو اسٽار بڻجي. ان موقعي تي شنيرا اڪرم آسماني رنگ جي ڪامدار ڪپڙن ۾ وچ اوڀر وارو انداز اپنائيندي نهايت ئي خوبصورت نظر آئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شنيرا فيشن شوز جي روايت جي خلاف ڊگهي هيل واري سينڊل جي جڳهه تي جوگرز پائي ريمپ تي واڪ ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. ماڻهن کي سندس ڪپڙا ۽ انداز تمام گهڻو پسند آيو. شو جي آخر ۾ جڏهن شنيرا ڊزائنر صبا اسد سان گڏ ريمپ تي واڪ ڪري رهي هئي ته ان دوران صبا اسد جي ڊگهي سينڊل شنيرا جي ڪپڙن ۾ ڦاسي پئي جنهن سبب صبا پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهي ۽ زوردار طريقي سان هيٺ ڪري پئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو