شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس، نواز شريف ۽ مريم نواز جي شاندار آجيان جو فيصلو

July 10, 2018 at 7:59 pm

اسلام آباد ( بيورو ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ ماڊل ٽائون ۾ ٿيل اجلاس ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي شاندار آجيان جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ماڊل ٽائون ۾ شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ لاهور ڊويزن جي ٽڪيٽ هولڊرن شرڪت ڪئي. شهباز شريف طرفان لاهور ڊويزن جي سمورن ٽڪيٽ هولڊرن کي  هدايت جاري ڪئي وئي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي  شاندار آجيان لاءِ پنهنجي شرڪت يقيني بڻائين.  ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي وطن واپسيءَ جي موقعي تي شاندار آجيان ڪئي ويندي ۽ ان لاءِ اسان هر آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪنداسين، پنهنجي پارٽي قيادت جي آجيان ڪرڻ هر سياسي پارٽيءَ جو حق آهي.هن چيو ته مسلم ليگ ن واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي دور ۾ ملڪ ۾ ترقي ٿي۽ عوام 25 جولاءِ تي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندو.

برکا جو فيس بوڪ صفحو