شهباز گِل کي تشدد ۽ جنسي زيادتي جو نشانو به بڻايو ويو آهي: عمران خان
August 19, 2022 at 11:29 pm
پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان الزام هنيو آهي ته بغاوت ڪيس ۾ گرفتار شهباز گل کي حراست دوران سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ کيس جنسي زيادتي جو به نشانو بڻايو ويو آهي
عمران خان سوشل ميڊيا تي شهباز گِل جي وڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته شهباز گِل کي ٽوڙڻ لاءِ کيس ذليل ڪيو پيو وڃي، شهباز گل سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اُن جا مڪمل تفصيل مون وٽ موجود آهن
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته اسلام آباد پوليس چئي رهي آهي ته شهباز گِل تي ڪو تشدد ناهي ڪيو ويو، منهنجو سوال اِهو آهي ته شهباز گِل تي تشدد ڪنهن ڪيو آهي؟
عمران خان چيو ته تصوير ۽ وڊيوز ۾ صاف ظاهر نظر اچي رهيو آهي ته شهباز گل کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ذميوارن جو پتو لڳائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين
پي ٽي آءِ چيئرمين خبردار ڪيو آهي ته شهباز گل سان ٿيل ورتاءُ تي عوام ضرور رد عمل ڏيندو