شهيد محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ  گرلز ڊگري ڪاليج نئون ديرو ۾ ثقافتي تقريب منعقد

November 30, 2021 at 10:24 pm

نئون ديرو(رپورٽر) نئون ديرو شهر جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ  گرلز ڊگري ڪاليج نئون ديرو ۾ 5 ڊسمبر تي اعلانيل “علم پرايو – سنڌ سنواريو” جي سري هيٺ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ 3 اڳوڻن ريجنل ڊائريڪٽرن لياقت گهانگهرو، مسعود ڪوريجو، شمن لال، ڪرم حسين وڌو، ناميارو اديب احسان دانش، رضوان گل، مختلف ڪاليجن جي پرنسپالن ثمينا ابڙو، صدوران سولنگي، ارشاد ڪلهوڙو، شگفته ابڙو، نفيس اختر انصاري، محمد عتيق سومرو، پروفيسرن در محمد سومرو، نذير سومرو، عابد سڪندر کوکر سميت ڪاليج جي پرنسپال فهيم اختر انصاري ۽ ٻين خصوصي طور شرڪت ڪئي جڏهن ته شاگردياڻين ۽ ڪاليج جي پروفيسرن ڀرپور نموني رنگارنگي، ثقافتي ويس وڳا پهري، اجرڪ اوڍي سنڌ جي ثقافت کي چار چند لڳائي ڇڏيا. تقريب ۾ شاگردياڻين مختلف سنڌي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا جڏهن ته هڪ ٽيبلو ۾ هڪ ٻارڙيءَ کي والدين پاران اسڪول وڃڻ کان روڪي گهر جا ٿانو، ٻهاري ۽ گاهه ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي ڏيکاريو ويو. هڪ ٻئي ٽيبلو ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي مان سر ليليٰ چنيسر جو قصو بيان ڪري ڀرپور نموني پيش ڪيو ويو جنهن ۾ شاگردياڻين بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري واهه واهه ڪرائي ڇڏي. ثقافتي تقريب ۾ شاگردياڻين پاڪستان جي صوبن سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڪشمير جي ثقافتي رنگن کي ڌار ڌار پيش ڪرڻ بعد آخر ۾ سڀني هو جمالو تي گڏجي پرفارم ڪري خوب داد حاصل ڪيو. ان کان اڳ هڪ شاگردياڻي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪندڙ سنڌ جي ليجنڊ فنڪار علڻ فقير جهڙو ويس ڪري “جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون” گيت پيش ڪري ليجنڊ فنڪار علڻ فقير کي ثقافتي تقريب ۾ ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ شاگردياڻين پنهنجي جذباتي تقريرن ذريعي سنڌ جي ثقافت کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ڪجهه شاگردياڻين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو. تقريب ۾ ڪاليج جي پرنسپال فهيم اختر انصاري آيل سڀني مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي ثقافتي ڏهاڙو “علم پرايو – سنڌ سنواريو جي سري هيٺ ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسان شڪر گذار آهيون سنڌي ميڊيا جا جنهن هن ڏينهن کي تعليم سان منصوب ڪيو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو