شڪست ن ليگ جو مقدر بڻجي چڪي آهي ۽ تحريڪ انصاف اقتدار ۾ اچي ڪرپشن جو خاتمو ڪندي:عمران خان

July 11, 2018 at 8:24 pm

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته شڪست ن ليگ جو مقدر بڻجي چڪي آهي ۽ تحريڪ انصاف اقتدار ۾ اچي ڪرپشن جو خاتمو ڪندي.اسلام آباد ۾ اقليتي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته قائداعظم جو پاڪستان هڪ فلاحي رياست هئي، مدينا جي فلاحي رياست ۾ اقليتن کي به حق حاصل آهن، غريبن کي بنيادي حق ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، آزاد معاشري ۾ قانون غريب کي امير کان وڌيڪ طاقتور بڻائي ٿو، مهذب معاشري ۾ بيروزگارن کي فنڊ ڏنا وڃن ٿا.هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪمزور طبقي کي حق نٿا ملن، ڇاڪاڻ ته قانون جي بالادستي ناهي هوندي ته ڪمزور کي نقصان کڻڻو پوندو آهي، غريب کي انصاف ڏيڻ لاءِ ملڪ وٽ وسيلا ناهن، تعليم هر ٻار جو حق آهي جيڪو هن ملڪ ۾ ناهي ڏنو ويو، اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول نٿا وڃن، ملڪ ۾ 45 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن.

برکا جو فيس بوڪ صفحو