شگرملون هلائي ڪمند جو اگهه ٻه سئو في مڻ مقرر نه ڪيو ويو ته تحريڪ هلائبي: سنڌ آبادگار اتحاد

November 9, 2018 at 6:21 pm

 حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ آبادگار اتحاد 15 نومبر تائين صوبي ۾ شگرملون چالو ۽ ڪمند جو امدادي اگهه 2 سئو رپيا في مڻ مقرر نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪراچي ۾ ڌرڻي هڻڻ چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ شگر ڪين ايڪٽ تحت شگر ملون آڪٽوبر جي مهيني ۾ هلڻ گهرجي، پر نومبر جي مهيني ۾ به اڃا تائين شگر ملون چالون نه ٿي سگهيون آهن ۽ نه حڪومت ڪمند جو امدادي اگهه مقرر ڪيو آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي ڪمند جو فصل پوکيل آهي، جيڪا اربين رپين جي زرعي معيشيت آهي، حڪومت طرفان وقت تي شگر ملون چالون ڪري ڪمند جي پيڙهائي نه ڪرڻ سبب آبادگارن کي ڪروڙن جو نقصان پهچي رهيو آهي، جڏهن ته وقت تي ڪمند جي فصل جي ڪٽائي نه ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي فصل جي پوک پڻ سخت متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سان خوراڪ جو بحران به جنم وٺي سگهي ٿو. هنن چيو ته گذريل سال به آبادگارن سان ڪمند جي معاملي ۾ ظلم جي انتها ڪئي وئي هئي، ڪمند جو اگهه عدالت طرفان مقرر ڪيو ويو پر افسوس شگر مل مالڪن اڃا تائين اهو اگهه آبادگارن کي ناهي ڏنو ۽ نه ئي ڪمند جون رهتون ڏنيون ويون آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو