صحت جي عالمي اداري موجب 6 سئو ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر هجڻ گهرجي:ڊاڪٽر عاصم حسين

January 28, 2019 at 7:13 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته حڪومت جي ناقص پاليسين عوام کي طبي سهولتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ سبب مريضن جو علاج نه پيو ٿئي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته عوام سان سنگين مذاق اهڙي ريت ڪيو پيو وڃي ته حڪومت وٽ پنهنجي ئي فيصلن تي عمل لاءِ بجيٽ ۾ رقم به ناهي رکي ويندي ۽ صوبي جي عوام کي امل بل منظور ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ويندي آهي، امل بل تحت مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ زخمي ڪهڙي به خانگي  اسپتال ۾ وڃي شروعاتي طبي امداد حاصل ڪري سگهن ٿا پر ان بل ۾ قانوني ڏکيائيون موجود آهن، جيڪي عوام کي ناهن ٻڌايون ويون، سڄي ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي، 20 ڪروڙ آبادي واري ملڪ ۾ رڳو هڪ لک 72 هزار ڊاڪٽر رجسٽرڊ آهن، انهن مان 30 سيڪڙو رٽائرڊ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ميڊيڪل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين جي وڌيڪ داخلا ٿيندي آهي، ڇو ته اوپن ميرٽ ۾ ڇوڪريون سڀ کانو ڌيڪ سيٽون وٺنديون آهن، ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا وقت 70 سيڪڙو شاگردياڻيون، جڏهن ته 30 سيڪڙو شاگرد اوپن ميرٽ تي ايندا آهن، اهڙي ريت ميڊيڪل ڪاليج ۾ في ميل ڊاڪٽرز جو انگ ميل جي ڀيٽ ۾ گهڻو هوندو آهي، 30 سيڪڙو شاگردياڻيون ميڊيڪل ايجوڪيشن مڪمل ڪري ان پيشي کي ڇڏي ڏينديون آهن، جڏهن ته 10 سيڪڙو شاگردياڻيون ميڊيڪل  ڪاليجن ۾ داخلا دوران ئي شادي ٿيڻ سبب تعليم ڇڏي ڏينديون آهن، جنهن سبب سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن ۾ اوپن ميرٽ جون سيٽون زيان ٿي وينديون آهن

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو