صوبي کي منشيات جهڙي لعنت کان پاڪ ڪنداسين:وزيراعليٰ سنڌ
November 25, 2019 at 5:07 pm ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي کي منشيات جهڙي لعنت کان پاڪ ڪرڻ ۽ ايندڙ نسل کي ان کان بچائڻ لاءِ ”وڏو وزير ٽاسڪ فورس“ ٺاهي آهي جنهن جو اڳواڻ وڏو وزير پاڻ هوندو./ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 06
وڏي وزير ٽاسڪ فورس جون ٽي ڪميٽيون هونديون، جنهن ۾ هڪ ڪميٽي ڊي جي رينجرز تحت هوندي جيڪا سرحدن تي منشيات جي روڪٿام جي نگراني ڪندي جڏهن ته ٻي ڪميٽي جيڪا آئي جي پوليس سنڌ تحت هوندي اها ڪميٽي شهرن ۾ منشيات جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي جڏهن ته ٽين ڪميٽي صوبائي صلاحڪار قانون تحت هوندي جيڪا ان حوالي سان پراسيڪيوشن جهڙن مسئلن جو تدارڪ ڪندي ۽ عوام ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت ڪوٺايل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر احمد بخاري، آئي جي پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام، ريجنل ڊائريڪٽر اي اين ايف بريگيڊيئر منصور احمد جنجوعه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري صحت زاهد ميمڻ، سيڪريٽري ايڪسائيز حليم شيخ، ڊي جي ايڪسائيز شعيب صديقي، انٽيلي جنس ادارن جي صوبائي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته نارڪوٽڪس سنڌ ۾ اسمگلنگ ذريعي ايندي آهي جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت حڪمت عملي جوڙي وئي آهي