عالمي برداري پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: پاڪ فوج

February 27, 2019 at 7:18 pm

اسلام آباد(بيورو)پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جاري  ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن لاءِ عالمي براداري اڳتي اچي ۽ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. پاڪ هوائي فوج اڄ صبح لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٻن ڀارتي جنگي جهازن کي تباهه ڪري ٻن پائليٽن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.  ان ڏس ۾ راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت وچ ۾ جيڪي حالتون هلي رهيون آهن تنهنڪري عالمي برادري کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڏسي ته ڪهڙي ريت پاڪ ڀارت ڪشيدگي جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري کي نه رڳو ٻنهي ملڪن پر خطي جي امن ۽ ترقي لاءِ  پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جنگ ڏانهن نٿو وڃڻ چاهي، پاڪستان طرفان امن جو ئي پيغام آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو